ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا پهريون ڀيرو مشهور فلم ساز ايس ايس راجامولي سان گڏ فلم ”ايس ايس ايم بي 29“ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري رهي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ان فلم ۾ مهيش بابو مک ڪردار ادا ڪندو ۽ ان کي هڪ عالمي سطح جي ايڊوينچر فلم قرار ڏنو پيو وڃي.
رپورٽن موجب پريانڪا چوپڙا ان وڏي پراجيڪٽ لاءِ تقريبن 30 ڪروڙ رپيا معاوضو طلب ڪيو آهي، جنهن سان هوءَ راجامولي جي سڀ کان وڏي اداڪارا بڻجي وئي آهي.
ميڊيا جو چوڻ آهي ته فلم جي پهرئين حصي جي شوٽنگ حيدرآباد ۾ جاري آهي، جڏهن ته وڌيڪ شوٽنگ ڪينيا جي ٻيلن ۾ ٿيندي.
رپورٽن موجب ان فلم کي ٻن حصن ۾ رليز ڪرڻ جو امڪان آهي، پهريون حصو 2027، جڏهن ته ٻيو حصو 2029 ۾ سينيمار گهرن جي زينت بڻجندو.
You might also like