گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هيءَ حڪومت هڪ ڏينهن هلڻ جهڙي به ناهي، هن حڪومت کي جنهن آندو اهي ئي هلائي رهيا آهن.
گوجرانوالا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هڪ طرفي طور قانون پاس ڪرڻ بدران مشاورت ڪرڻ گهرجي ها، صحافين سان ڳالهيون ڪري تجويزون وٺڻ گهرجن، مان پيڪا ايڪٽ تي صحافين سان ڳالهايو، انهن جي ڳالهه ۾ وزن آهي، مان صدر سان رابطو ڪري صحيحون نه ڪرڻ جو چيو پر ان باوجود هن صحيحون ڪيون.
هن چيو ته اسان ڳالهين ذريعي سياسي حل تي يقين رکون ٿا، ڳالهيون ڪرڻ يا نه ڪرڻ انهن جو پنهنجو معاملو آهي، ڳالهين وقت اپوزيشن جي ٻين جماعتن کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو.
Next Post
You might also like