ڊپريشن ٿيندو ڇو آهي؟ اهم سبب دريافت

ڊپريشن هڪ اهڙو پيچيده ذهني مرض آهي جنهن ۾ متاثر ماڻهو گهڻي قدر اداس رهندا ۽ بي وس محسوس ڪندا آهن. پر اهو مرض رڳو دماغ تائين محدود نه آهي؛ ان جو اثر جسم تي به پوي ٿو.

ڊپريشن ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ اهي سرگرميون بي معنيٰ لڳن ٿيون، جن ۾ اڳي انهن کي دلچسپي هوندي هئي، ۽ مٿن ناڪاري خيالن جو غلبو رهندو آهي.

ماهرن لاءِ اڃا تائين اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته ماڻهو ڊپريشن جو شڪار ڇو ٿين ٿا، پر هاڻي انهن ان جي هڪ اهم ممڪن سبب کي معلوم ڪيو ويو آهي، جيڪو جذبات کي سمجهڻ ۽ ظاهر ڪرڻ ۾ ناڪامي آهي.

جرنل Brain, Behavior and Immunity ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو جذباتي طور تي واضح طور سوچڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿو، ته ان جو ڊپريشن ۾ مبتلا ٿيڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو.

رڳو ايترو نه، پر جذباتي بي حسي سان گڏ انهن ماڻهن جي جسم ۾ ورم (Inflammation) جي سطح به وڌي وڃي ٿي، جيڪا ڊپريشن تي سڌو سنئون اثر انداز ٿئي ٿي.

ورم اصل ۾ جسم جو هڪ دفاعي نظام آهي، جيڪو ڪنهن بيماري يا انفيڪشن دوران سرگرم ٿيندو آهي. پر جڏهن ان جي سطح وڌي وڃي يا گهڻي وقت تائين برقرار رهي، ته اهو مختلف مرضن جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

هن تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته جسم ۾ ورم جي سطح وڌڻ سان دماغ تي خراب اثر پوي ٿو ۽ ڊپريشن جو خطرو وڌي وڃي ٿو. تحقيق ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته جذباتي استحڪام ۽ ذهني صحت ڊپريشن کان تحفظ فراهم ڪن ٿا.

تحقيق دوران خبر پئي آهي ته جن ماڻهن کي جذباتي مسئلا درپيش آهن، انهن مان 37 سيڪڙو جي جسم ۾ ورم جي سطح گهڻو وڌيل هئي، جنهن سبب انهن ۾ ڊپريشن جي شديد علامتن جو خطرو به وڌيڪ هو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ورم ماڻهن ۾ ڊپريشن جو اهم سبب ٿي سگهي ٿو.

ان کان اڳ، جنوري 2023 ۾ چين جي فوجان يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته ٽي وي يا ٻين اسڪرينن آڏو گهڻو وقت گذارڻ سان ڊپريشن جو خطرو وڌي وڃي ٿو.

تحقيق موجب اسڪرين آڏو گذاريل هر ڪلاڪ سان ڪنهن فرد ۾ ڊپريشن جو خطرو 5 سيڪڙو وڌي سگهي ٿو. اڳين رپورٽن ۾ پڻ اهو ٻڌايو ويو هو ته اسمارٽ فون، ڪمپيوٽر يا ٻين اسڪرينن جي اڳيان گهڻو وقت گذارڻ سان ذهني مرضن جو خطرو وڌي وڃي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.