ٻارن ۾ نمونيا ۽ ساهه جي نالي ۾ انفيڪشن وڌڻ لڳو، ماهر ڊاڪٽر جون هدايتون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيڊياٽرڪس ايسوسي ايشن جي صدر ڊاڪٽر وسيم جمالوي چيو آهي ته ٻارن ۾ نمونيا ۽ ساهه جي نالي ۾ انفيڪشن ۽ ٻيون بيماريون وڌي رهيون آهن.

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته سول اسپتال ۾ جون کان ڊسمبر تائين ساهه جي بيمارين جا چار هزار کان مٿي ڪيس رپورٽ ٿيا.

ڊاڪٽر وسيم جمالوي موجب سول اسپتال ۾ هن عرصي دوران هڪ هزار ٻارن ۾ نمونيا جي تصديق ٿي.

ماهر ڊاڪٽر هدايت ڪئي ته ٻارن کي گرم ڪپڙن ۾ ويڙهي رکيو وڃي ۽ ٿڌي هوا کان بچايو وڃي، بند ڪمرن ۾ تازي هوا اچڻ کي به يقيني بڻايو وڃي، ٻارن کي گهڙي گهڙي هٿ ڌوئڻ جي عادت ڪرايو.

سندس چوڻ هو ته بيمار ٻارن کي اسڪول نه موڪليو ۽ وائرل انفيڪشن کان بچائڻ لاءِ ويڪسين تي ڌيان ڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.