ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٽن ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي وئي.
اختيارين موجب جن ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي، انهن ۾ ٺٽو، عمرڪوٽ ۽ نوشهرو فيروز شامل آهن، هاڪاري نمونن جو جينياتي تعلق ڊبليو پي وي 1 پوليو وائرلس ڪلسٽر سان آهي.
اختيارين ٻڌايو ته ماحولياتي نمونن جا سيمپل 23 ۽ 24 ڊسمبر تي ورتا ويا هئا، سال 2025 جي پهرين پوليو روڪ مهم 3 فيبروري کان شروع ٿيندي، سڄي ملڪ ۾ پوليو مهم 3 کان 9 فيبروري تائين جاري رهندي.
اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته هلندڙ سال پوليو جو هڪ ڪيس سامهون اچي چڪو آهي، جڏهن ته گذريل سال 73 ڪيس سامهون آيا هئا.
You might also like