عمران خان ۽ بشريٰ بي بي 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو چيلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ سزا خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪري ڇڏيون.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي ٽرائل ڪورٽ طرفان سزائن خلاف اپيلون خالد يوسف چوڌري ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيون.
اپيلن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب بدنيتي سان پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪيو ۽ اڻ پوري جاچ جي بنياد تي تڪڙ ۾ سزا ٻڌائي وئي.
اپيل ۾ چيو ويو آهي ته اين سي اي اختيارين کي جاچ ۾ شامل نه ڪيو ويو ۽ فريادي ڌر مڪمل شاهديون پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي سزا ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت جو 17 جنوري جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ۽ ٻنهي کي آجو قرار ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.