وس هلي ته ٽيڪس شرح 15 سيڪڙو گهٽ ڪري ڇڏيان پر آءِ ايم ايف سبب مجبور آهيان: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ بجلي اگهن ۾ واضح گهٽتائي ايندي.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو منهنجو وس هلي ته ٽيڪس جي شرح 15 سيڪڙو گهٽ ڪري ڇڏيان پر آءِ ايم ايف سبب مجبوري آهي.
هن چيو ته بجلي سستي ٿيڻ تائين ترقي نٿي ٿي سگهي، بجلي سستي ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪري رهيا آهيون، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ بجلي اگهن ۾ واضح گهٽتائي ايندي.
سندس چوڻ هو ته خرچ گهٽائي رهيا آهيون، پي ڊبليو ڊي کي ڪرپشن سبب بند ڪري ڇڏيو، قومي ايئر لائن کي شفاف نيلامي جي عمل سان نجي شعبي کي ڏينداسين، پاڪستان جي نجي شعبي وٽ اها سگهه آهي ته قومي ايئر لائن کي خريدي.
وزيراعظم چيو حڪومت سيڙپڪارن جون رنڊڪون ختم ڪري رهي آهي، ملڪي برآمدون ۽ ناڻي جي پهچ ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ملڪ کي جلد پيرن تي بيهارينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.