ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ جي ناليواري اداڪار شاھد ڪپور پنهنجي ٻارن کي فلم انڊسٽري ۾ نه آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.
باليووڊ ۾ لڳ ڀڳ سڀني وڏن ستارن جي اولاد پنهنجي ماءُ پيءُ جيان انڊسٽري ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ وري ڊوڙ ۾ آهن، پر اداڪار شاھد ڪپور اهڙو ڪجهه به نٿو چاهي.
هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي شاھد ڪپور چيو ته هو نٿو چاهي ته ان جا ٻار باليووڊ ۾ قدم رکن.
هن چيو ته ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي چاهيان ٿو ته ٻار نه سکن، هو چاهي ٿو ته اهي فطري طور تي وڌيڪ اعتماد رکندا، جيڪو ان جي خيال ۾ بهتر آهي، ڇو ته هو پاڻ فطري طور تي گهڻو اعتماد رکڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو.
اداڪار چيو ته فلم ۾ نه اچن، ڪجھه ٻيو ڪن،هتي گهڻا لاها چاڙها آهن، اهو تمام ڏکيو ڪم آهي، جيڪڏهن ٻار چاهين ٿا ته اها انهن جي پنهنجي مرضي آهي پر مان چاهيان ٿو ته ته ڪو سولو ڪم چونڊ ڪن، اداڪاري تمام منجهيل ۽ ڏکيو ڪم آهي۔