ممتا ڪلڪرني سنياس وٺي ڇڏيو، نالو مٽائي مندر ۾ رهڻ لڳي!

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ جي اڳوڻي ناليواري اداڪارا ممتا ڪلڪرني سنياس (تارڪ الدنيا) وٺي ڇڏيو آهي.

اداڪارا ممتا ڪلڪرني 1990 جي ڏهاڪي ۾ مشهور فلمن ڪرن ارجن‘ ۽ بازي‘ ۾ زبردست اداڪاري ڪندي شهرت ماڻي هئي۔

ممتا ڪلڪرني شاهه رخ خان، سلمان خان ۽ عامر خان جهڙن سپر اسٽارز سان ڪم ڪيو، ۽ 2000 جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ بالي وڊ کي خير باد چئي ٻاهر لڏي وئي هئي۔

ان دوران مٿس منشيات جو هڪ وڏو ڪيس داخل ٿيو، جنهن جي ايف آئي آر تازو ئي ۾ ممبئي هاءِ ڪورٽ طرفان ختم ڪئي وئي ۽ کيس باعزت بري ڪيو ويو.

باعزت بري ٿيڻ کانپوءِ، ڊسمبر 2024 ۾ 25 سالن کانپوءِ ممتا ڪلڪرني ڀارت واپس آئي ۽ سندس مداحن هڪ ڀيرو ٻيهر کيس فلمن ۾ ڏسڻ جي خواهش ڪئي.

پر هاڻي اوچتو اداڪارا سنياس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب اداڪارا ڪمڀ ميلي جي موقعي تي سنياس وٺڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان جون رسمون به ادا ڪيون.

ممتا پنهنجو نالو پڻ بدلائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي انهن جو نالو ’شري يامائي ممتا نند گري‘ رکيو ويو آهي. سنياس جون رسمون ادا ڪرڻ کان پوءِ هو مقامي مندر ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.