شادي جي اعلان کانپوءِ اهي شيون ڏسان ٿي جيڪي اڳ نه ڏٺيون هيون: ڪبريٰ خان

اداڪارا مرزا گوهر رشيد ۽ ڪبريٰٰ خان جي شادي جون خبرون ڪيترن ئي ڏينهن کان زير گردش آهن ۽ هاڻي ٻئي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيل هڪ وڊيو ۾ پنهنجي شادي جي تصديق ڪري چڪا آهن.

تنهن هوندي گذريل ڏينهن انسٽاگرام تي شيئر ٿيندڙ گوهر رشيد جي انٽرويو ڪلپ، ڪبريٰٰ خان کي به حيران ڪري ڇڏيو آهي.

ڪجهه وقت اڳ نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ گوهر رشيد پنهنجي گهرواري جي خوبين بابت ڳالهه ڪئي، ۽ اها ڪلپ انسٽاگرام تي صحافي طرفان شيئر ڪئي وئي. ان ۾ گوهر چيو آهي ته، "مون کي ڪبريٰٰ جي سڀ کان سٺي ڳالهه اها لڳي ٿي ته هوءَ پنهنجي اداڪاري کي ڏيکاءَ کان وڌيڪ حقيقت جي ويجهو رکندي آهي، اسان اداڪاري ۾ ترڪيبون ڳوليندا آهيون، جڏهن ته هوءَ نيچرل رهي ٿي.”

هن وائرل انٽرويو ڪلپ کي ڪبريٰٰ خان به شيئر ڪيو ۽ گوهر جي انهن ڳالهين تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو، "شادي جو اعلان ڪرڻ کان پوءِ هڪ سٺي ڳالهه اها ٿي آهي ته اهي شيون ڏسڻ لاءِ ملڻ لڳيون آهن جيڪي مون اڳ ڪڏهن نه ڏٺيون هيون، ڇا واقعي اهڙو آهي؟"

اداڪارا جو اهو چوڻ ظاهر ڪري ٿو ته ان جي اداڪاري بابت گوهر رشيد جو اهو بيان ٻڌي کيس حيرانگي ته ٿي، پر ان سان گڏ ان کي اهو پڻ ٻڌڻ جو موقعو مليو جيڪو هو پنهنجي جيون ساٿي کان اڳ ڪڏهن ناهي ٻڌو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.