خبرون سچ ثابت، ڪبريٰ خان ۽ گوهر رشيد شادي جو اعلان ڪري ڇڏيو

معروف اداڪارا ڪبريٰٰ خان ۽ اداڪار گوهر رشيد پنهنجي شادي جو اعلان ڪيو آهي.

اداڪاره ڪبريٰٰ خان ۽ گوهر رشيد هڪٻئي جا ويجهو دوست آهن ۽ ٻنهي پنهنجي شادي جو اعلان هڪ نئين انداز ۾ ڪيو آهي۔

ڪبريٰٰ خان ۽ گوهر رشيد پنهنجي آفيشل اڪاؤنٽ تان هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هُمايون سعيد، عاصم اظهر ۽ اذان سميع خان سميت ٻيون شخصيتون شادي بابت سوال ڪري رهيون آهن.

وڊيو جي آخر ۾ ڪبريٰ ٰ ۽ گوهر رشيد اچي کلي پنهنجي شادي جو اعلان ڪن ٿا.

ڪبريٰٰ خان وڊيو پوسٽ ڪندي لکي ٿي، "توهان جي پيار ۽ دعا سان بسم الله”.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.