ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان تي ٿيل چاڪُو حملي جو ڪيس نئون رخ اختيار ڪري چڪو آهي.
اين ڊي ٽي وي جي رپورٽ موجب سيف علي خان جي رهائشگاهه مان حاصل ڪيل فنگر پرنٽس جو نمونو، مبينه طور تي حملي ۾ ملوث بنگلاديشي شخص محمد شريف الاسلام شهزاد جي فنگر پرنٽس سان ميچ نٿو ڪري.
ڀارتي پوليس سيف جي گهر، چاڪُو تي نشانن جا نمونا حاصل ڪيا هئا جڏهن ته شريف الاسلام شهزاد جي فنگر پرنٽس به ورتا ويا هئا، پر هاڻي فنگر پرنٽس جي نتيجن جي ڪري ڪيس جو رخ ئي مٽجي ويو آهي.
اداڪار تي چاڪُو حملي کان پوءِ ممبئي پوليس سندس رهائشگاهه مان 19 فنگر پرنٽس جا نمونا حاصل ڪيا هئا، پر حيران ڪندڙ طور تي ڪو به نمونو پوليس وٽ گرفتار ٿيل مبينا بنگلاديشي شهري جي فنگر پرنٽس سان ميچ نٿو ڪري
ذريعن موجب ممبئي پوليس سيف جي گهر مان ملندڙ فنگر پرنٽس کي رياستي ڪرمنل انويسٽيگيشن ڊپارٽمينٽ (سي آءِ ڊي) جي فنگر پرنٽ بيورو ڏانهن موڪليو هو.
پر هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته اهي پرنٽس شريف الاسلام جي فنگر پرنٽس کان مختلف آهن، ۽ سي آءِ ڊي ممبئي پوليس کي فنگر پرنٽس جي ناڪاري نتيجن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
ٻئي پاسي جوابدار جي وڪيل سڀني الزامن کي من گھڙت قرار ڏيندي عدالت ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته سندس موڪِل تي لڳايل الزام ڪوڙا آهن ۽ هاءِ پروفائل ڪيس هجڻ سبب ان کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو پيو وڃي.