ملتان (ويب ڊيسڪ) ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن ملتان جي وڪيٽ بيٽرن لاءِ ڀوائتو خواب بڻجي وئي، ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ ويسٽ انڊين ٽيم 163 رنسن ڍير ٿي وئي، جنهن جي جواب ۾ سموري پاڪستاني ٽيم 154 رنسون ٺاهي پويلين موٽي وئي، سڄي ڏينهن دوران ٻنهي ٽيمن جون ويهه وڪيٽون ڪريون، اهڙي طرح ويسٽ انڊيز کي هاڻي پاڪستان تي 9 رنز جي سرسي حاصل ٿي وئي آهي.
پاڪستاني اننگز جي شروع کان ڏکيائين جو شڪار رهي، اوپنر محمد حريره 9 رنسون ٺاهي ڪيمار روچ جو شڪار بڻيو، بابر اعظم رڳو هڪ رنس ٺاهي پويلين موٽيو، ڪپتان شان مسعود 15 ۽ ڪامران غلام 16 رنسون ٺاهي سگهيا.
شروعاتي جهٽڪن کانپوءِ ِنائب سعود شڪيل ۽ محمد رضوان گڏجي اسڪور کي اڳتي وڌايون، پر سعود شڪيل 32 رنسن ٺاهي جوميل واريڪن کي وڪيٽ ڏئي ويٺو.
محمد رضوان به 49 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ڪاشف علي ۽ نعمان علي کاتو کولڻ بنا پويلين روانو ٿيا ، جڏهن ته ساجد خان 16 رنسون ٺاهي نائوٽ آئوٽ رهيو.
ويسٽ انڊيز طرفان جوميل واريڪن 4 ، موتي 3 ۽ ڪيمار روچ 2 وڪيٽون وريون.
ان کان اڳ ويسٽ انڊين ڪپتان ڪريگ برٿويٽ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
ويسٽ انڊين بيٽر پاڪستاني اسپرن جو مقابلو نه ڪري سگهيا ۽ سندن اچ وڃ جو سلسلو جاري رهيو.
نعمان علي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پاڪستان طرفان هيٽ ٽرڪ ڪندڙ پهريون اسپنر بڻيو، هن مجموعي طور هن ميچ ۾ 6 وڪيٽون وٺي ويسٽ انڊيز جي بيٽنگ لائين تباهه ڪري ڇڏي.
پاڪستان کي ٻن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل آهي.
پاڪستان پهرين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 127 رنز سان شڪست ڏني هئي، جتي سموريون ويهه ئي وڪيٽون اسپنرن حاصل ڪيون هيون.
You might also like