پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم اظهار جي آزادي کي خطرو آهي: ڪراچي پريس ڪلب

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم کي اظهار جي آزادي کي خطرو قرار ڏئي ڇڏيو. صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري سهيل افضل خان ۽ ٻين عهديدارن چيو ته اطلاعات کاتي جي وزير يقين ڏياريو هو ته صلاح ڪئي ويندي، ان جي ابتڙ قانون منظور ڪيو ويو ۽ مسودو به صحافين کي نه ڏنو ويو. جعلي خبرن جي اوٽ ۾ ميڊيا جي آواز کي  خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. مين اسٽريم ميڊيا ۾ اڻ اعلانيل سينسرشپ جي ڪري جعلي خبرون آهن، اها سينسر شپ ختم ڪري جعلي خبرن کي روڪي سگهبو. پيڪا ايڪٽ ۾ ڪيل ترميم ڪارو قانون آهي جنهن کي فوري واپس ورتو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.