جسٽس منصور، جسٽس منيب، جسٽس عائشا اهم ڪميٽين ۾ شامل، پڌرائي جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جڊيشل ڪميشن، سپريم جڊيسل ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن ۾ مقررين لاءِ ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته قانون ۽ انصاف واري ڪميشن جي سيڪريٽري جي مقرري لاءِ ڪميٽي جي سربراهي چيف جسٽس ڪندو، ڪميٽي ۾ جسٽس عائشا ملڪ ۽ جسٽس شاهد وحيد شامل هوندا، ڪميٽي صوبائي چيف سيڪريٽري جي نامزد ڪيل اميدوارن جو انٽرويو ڪندي.
پڌرائيءَ موجب جڊيشل ڪميشن جي سيڪريٽري جي مقرري لاءِ 5 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ڪميٽي ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس امين الدين خان شامل آهن، جسٽس جمال مندوخيل ۽ اٽارني جنرل به ڪميٽي جو حصو هوندا.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل جي سيڪريٽري جي مقرري لاءِ به 3 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ڪميٽي ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ اٽارني جنرل شامل آهن.
جڊيشل ڪائونسل ۽ جڊيشل ڪميشن جي سيڪريٽرين جي مقرري لاءِ حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ايڊيشنل سيشن ججن جي نالن تي غور ٿيندو، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ججن جا نالا صوبائي چيف جسٽس ۽ چيف سيڪريٽري تجويز ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.