ايس سي سپريم ڪورٽ کي سمجهندو هيس پر اهو ته سيڪٽر ڪمانڊر آهي: جسٽس اعجاز اسحاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق چيو آهي ته مون وٽ هاڻ ڪو آپشن باقي ناهي، توهين عدالت جي ڪارروائي ڪرڻي پوندي، مان ايس سي سپريم ڪورٽ کي سمجهندو هيس پر اهو ته سيڪٽر ڪمانڊر آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي اڊيالا جيل ٽرائل ۾ وڪيل مشال يوسفزئي کي اجازت نه ڏيڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس سردار اعجاز اسحاق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ٽرائل ۾ ڪيترائي وڪيل هوندا آهن، ڪو هڪ رهجي ويو هوندو.
جسٽس سردار اعجاز اسحاق چيو توهان جو اهو جواز غلط آهي ته هڪ اڌ رهجي ويو هوندو، توهان 199 جوابدارن جو هڪ ميجر ٽرائل ڪري رهيا آهيو ته وڪيل ته ايندا، گذريل ڀيري به عدالت توهين عدالت جي ڪارروائي ڪرڻ لڳي هئي.
عدالت چيو توهان کي ياد هوندو ته سپرنٽينڊنٽ جيل ۽ پنجاب پوليس آفيسر جي ذاتي درخواست تي ڪارروائي نه ڪئي وئي.
جسٽس سردار اعجاز اسحاق چيو ته مون وٽ هاڻ ڪو آپشن باقي ناهي، توهين عدالت جي ڪارروائي ڪرڻي پوندي.
وڪيل چيو ته عدالت هڪ لوڪل ڪميشن جوڙي هئي، اها درست ڪم نه پئي ڪري، تبديل ڪئي وڃي، جيل جي اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي، ڪميشن کي ڪال ڪئي ته انهن جواب ئي نه ڏنو.
جسٽس سردار اعجاز اسحاق ريمارڪس ڏنا ته انهن کي به فون اچي وئي هوندي، هاڻ ته ڪميشن سپريم ڪورٽ جي جج کي به لڳائي ڇڏيو ته به ڪو فائدو نه ٿيندو، هاڻ ته سپريم ڪورٽ جو جج به ذميواري پوري نه ڪري سگهندو، مان ايس سي سپريم ڪورٽ کي سمجهندو هيس پر اهو ته سيڪٽر ڪمانڊر آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي جمعي تائين ملتوي ڪندي اڊيالا جيل اختيارين کي لکت جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.