اسلام آباد(عمر چيما)ملڪ رياض ڪنهن کي پاڻي جو گلاس به ڏيندو آهي ته ان جو رڪارڊ ضرور رکندو آهي،هن ۾ ڪمال اهو آهي ته هو ماڻهن جا خواب پڙهي وٺندو آهي،ملڪ رياض اسٽيبلشمينٽ سان جيڪو ڪيو آهي ان تي ماڻهن کي حيراني ٿيندي،ماضي ۾ مخدوم فيصل صالح حيات ملڪ رياض خلاف ڪارروائي ڪري هن جي پٽ کي گرفتار ڪرايو هو،تڏهن وڏو ٻڙڌڪ متل هو،ملڪ رياض کي پاڪستان مان جيڪو ڪمائڻو هو اهو ڪمائي چڪو آهي،دبئي واري پراجيڪٽ بعد ماڻهن پاڪستان مان پئسو يو اي اي منتقل ڪرڻ شروع ڪيو ته حڪومت کي ڳڻتي ورائي وئي، جڏهن ته برطانيا، پرتگال،ترڪيه ۾ پاڪستانين وڏي انگ ۾ پراپرٽيون خريد ڪري رکيون آهن، آءِ ايس آءِ ٽن چئن ڪمپنين سان ملي ڊيٽا ٺاهي آهي،جنهن ۾انڪشاف ٿيو ته پاڪستاني وڏي انگ ۾ بحريا جي دبئي پراجيڪٽ ۾ بڪنگ ڪرائي رهيا آهن،ان سيڙپڪاري جي ڪا گارنٽي به نه هئي،ناڻو وڏي مقدار ۾ ٻاهرين ملڪ وڃي رهيو هو، فوج سان هن جا معاملا ڊي اي ايڇ جي ڪري اڳ ۾ ئي خراب هئا،جڏهن ته دبئي ۾ جيڪي ماڻهو ان پراجيڪٽ لاءِ بڪنگ ڪري رهيا هئا انهن کي آءِ ايس آءِ گهرائي چيو ته ماڻهن جا پئسا ان پراجيڪٽ ۾ سيڙپڪاري تي نه لڳايو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس23 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو