اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بينچن جي اختيار جو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪرڻ تي توهين عدالت جي ڪيس ۾ اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ طرفان مقرر ڪيل عدالتي مددگارن تي اعتراض واري ڇڏيو، جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه چيو ان ڪيس جو 26هين ترميم سان واسطو ناهي.
بينجن جي اختيار جو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪرڻ تي توهين عدالت جي ڪيس ۾ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ چيو ته توهين عدالت ڪيس ۾ عدالت جو ٻڌڻي جو اختيار تمام محدود آهي، شوڪاز نوٽيس جنهن کي جاري ڪيو ويو، ان جو لکت بيان جمع ٿيڻ گهرجي ها.
جسٽس منصور علي شاهه چيو اسان جو مقصد ته اهڙو نه هو پر اسان ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪيس ڇو واپس ٿيو، ڪيس مقرر نه ڪرڻ سان خبر ناهي نذر عباس جو ڪيترو تعلق آهي، نذر عباس صاحب! توهان سان به ڪجهه ٿي ويو آهي؟
اٽارني جنرل چيو ڪرمنل ۽ ريجنل ٻڌڻي جي اختيار تحت هي معاملو عدالت ۽ توهين ڪندڙ جي وچ ۾ آهي، جيڪي عدالتي مددگار مقرر ڪيا ويا، اهي 26هين ترميم کي چيلينج ڪندڙ وڪيل آهن.
جسٽس عقيل عباسي چيو توهان جي راءِ درست آهي، اسان کي ان ڳالهه جو اندازو به آهي، جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه چيو هلو اسان ان ئي گروپ مان ڪنهن ٻئي کي به عدالتي مددگار مقرر ڪري ٿا ڇڏيون.
اٽارني جنرل چيو ته 26هين آئيني ترميم تحت هاڻ بينچ ٺاهڻ جو اختيار آئيني ڪميٽي کي آهي، جسٽس منصور علي شاهه چيو سوال پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون جي سيڪشن 2 جو آهي، بينچ پنهنجي اختيار جي دائري کي ڏسڻ چاهي ته ڇا ڪيس واپس وٺي سگهجي ٿو؟
جسٽس منصور علي شاهه چيو ان ڪيس جو 26هين ترميم بابت ڪيس سان ڪو واسطو ناهي.
سپريم ڪورٽ خواجا حارث احسن ڀون کي به عدالتي مددگار مقرر ڪندي ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل نذر عباس کي لکت جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
Prev Post
You might also like