ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ شاگرد يونين جي چونڊن بابت ٺهراءُ رد ڪيو ويو.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ شاگرد يونين جي چونڊن جي حوالي سان ٺهراءُ رد ڪيو ويو، اهو ٺهراءُ جماعت اسلامي جي پارلياماني ليڊر محمد فاروق جمع ڪرايو هو.
پارلياماني معاملن بابت وزير ضياالحسن چيو ته ان ٺهراءَ جي ضرورت ناهي، شاگرد يونين جي بحالي لاءِ سنڌ اسيمبلي بل منظور ڪري چڪي آهي.
محمد فاروق سوال ڪيو ته سنڌ حڪومت قانون سازي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٽن سالن کان ڪهڙا قدم کنيا آهن؟ ٺهراءُ رد ڪرڻ افسوسناڪ آهي، جمهوريت جا علمبردار آمريت طرفان لڳايل پابندي جي حمايت ڪري رهيا آهن.
Next Post
You might also like