ملڪ رياض جي پراجيڪٽ ۾ سيڙپڪاري مني لانڊرنگ جي زمري ۾ ايندي: نيب خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ديسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) چيو آهي تھ پراپرٽي ٽائيڪن ملڪ رياض ۽ ٻين ماڻهن خلاف دوکي ۽ فراڊ جي ڪيترن ئي ڪيسن تي جاچ جاري آهي، عوام بحريا ٽائون جي دبئي پراجيڪٽ ۾ سيڙپڪاري نه ڪري، حڪومت قانوني طريقي سان ملڪ رياض جي حوالگي لاءِ گڏيل عرب امارتن سان رابطو ڪري رهي آهي.
نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته نيب وٽ بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض خلاف سرڪاري ۽ خانگي زمينن تي قبضي جا مضبوط ثبوت موجود آهن.
نيب موجب ملڪ رياض ۽ سندس ساٿين بحريا ٽائون جي نالي تي ڪراچي، تخت پڙي راولپنڊي ۽ نيو مري ۾ زمينن تي قبضو ڪيو، ملڪ رياض سرڪاري ۽ خانگي ايراضي تي ناجائز قبضو ڪري بنا اجازت نامي جي هائوسنگ سوسائٽيز قائم ڪري ماڻهن سان اربين رپين جو فراڊ ڪيو آهي.
نيب دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ رياض بحريا ٽائون جي نالي تي پشاور ۽ ڄامشوري ۾ به زمينن تي قبضو ڪيو ۽ بنا اين او سي (NOC) جي زمينن تي ناجائز قبضو ڪري هائوسنگ سوسائٽيز قائم ڪيون.
نيب جو ترجمان چيو آهي ته ملڪ رياض ۽ سندس ساٿي ماڻهن سان دوکي ذريعي وڏي رقم وصول ڪري رهيا آهن ۽ اهي هن وقت اين سي اي (NCA) جي ڪيس ۾ عدالتي مفرور آهن.
نيب دعويٰ ڪئي ته ملڪ رياض نيب ۽ عدالت ٻنهي کي گهربل آهي، نيب بحريا ٽائون جي پاڪستان اندر ڪيترن ئي اثاثن کي ضبط ڪري چڪو آهي ۽ بحريا ٽائون جا وڌيڪ اثاثا ضبط ڪرڻ لاءِ فوري طور قانوني ڪارروائي ڪندو.
ترجمان موجب ملڪ رياض هن وقت عدالتي مفرور طور دبئي ۾ موجود آهي ۽ بحريا ٽائون جي مالڪ دبئي ۾ لگزري اپارٽمينٽ جي تعمير لاءِ نئون پراجيڪٽ شروع ڪيو آهي، عوام کي ان پراجيڪٽ ۾ ڪنهن به قسم جي سيڙپڪاري نه ڪري.
نيب چيو آهي ته سيڙپڪاري ڪندڙ مني لانڊرنگ جي زمري ۾ اچي ويندا ۽ قانوني ڪارروائي کي منهن ڏئي سگهن ٿا، حڪومت قانوني طريقي سان ملڪ رياض کي واپس آڻڻ لاءِ گڏيل عرب امارتن جي حڪومت سان رابطو ڪري رهي آهي ۽ نيب اداري جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندو آهي.
واضح رهي ته 6 جنوري 2024 تي اسلام آباد جي احتساب عدالت 190 ملين پائونڊز جي القادر ٽرسٽ ريفرنس ۾ ملڪ رياض سميت ريفرنس جي 6 شريڪ جوابدارن کي اشتهاري ۽ مفرور ڏوهي قرار ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.