سعودي عرب ۾ غير شادي شده عورتن جي شرح 41.2 سيڪڙو تائين پهچي وئي، جڏهن ته طلاق جي رجحان ۾ گهٽتائي نظر اچي رهي آهي.
هڪ سروي موجب سال 2023 ۾ سعودي عرب جي سمورن ريجنز ۾ 15 کان 49 سالن جي عورتن کي شامل ڪيو ويو.
سروي رپورٽ موجب 41.2 سيڪڙو عورتون غير شادي شده آهن، جڏهن ته شادي شده عورتن جي شرح اٽڪل 53 سيڪڙو آهي.
سروي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ طلاق جي رجحان ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي، طلاق يافته عورتون 4.8 سيڪڙو آهن، جڏهن ته بيواهه عورتون تمام گهٽ آهن، جن جي شرح 0.9 سيڪڙو آهي.
Next Post
You might also like