ٽرمپ جي حلف برداري ۾ شهزادي ريما جي شرڪت

آمريڪا ۾ سعودي سفير شهزادي ريما بنت بندر سعودي عرب جي نمائندگي ڪندي نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
شهزادي ريما بنت بندر ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي اهميت اجاڳر ڪئي.
هن چيو ته سعودي حڪومت آمريڪا سان مختلف شعبن خاص طور وچ اوڀر کي پيش موجوده چيلينجن کي ڏسندي سهڪار جاري رکڻ جي منتظر آهي.
شهزادي ريما ايڪس اڪائونٽ تي لکيو ته ٻئي ملڪ دوستي جي 80هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن، سعودي قيادت طرفان آمريڪي صدر کي دلي مبارڪباد پيش ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، اسان پنهنجي عوام، پنهنجي خطي ۽ دنيا جي فائدي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جا منتظر آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.