گهرن ۾ ڪڪڙيون پالڻ قانوني يا غير قانوني؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ۾ ڇا ٿيو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گهرن ۾ ڪڪڙيون پالڻ جو معاملو عدالت پهچي ويو پر ڪڪڙيون پالڻ قانوني آهي يا غير قانوني؟ فيصلو نه ٿي سگهيو.
ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ گهرن ۾ ڪڪڙيون پالڻ خلاف درخواست تي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.
عورت جي درخواست تي سي بي سي وڪيل لکت جواب جمع ڪرايو، جنهن ۾ هن چيو ته گهر ۾ ڪڪڙيون پالڻ يا چڙيا گهر ٺاهڻ جون ڪي ثابتيون ناهن مليون، پاڙيسرين گهر ۾ 3 ٻلين جي موجودگي جي نشاندهي ڪئي.
وڪيل جهانگير آغا چيو ته سي بي سي وٽ ٻليون پڪڙڻ جو اختيار ناهي، جنهن تي عدالت پوليس کان ٻلين خلاف ڪارروائي جي رپورٽ 3 هفتن ۾ طلب ڪري ورتي.
درخواستگذار ٻڌايو ته رهواسين گهرن ۾ بنا لائسنس جي ڪڪڙيون پاليون آهن، جنهن سبب گوڙ ۽ پاڙيسرين کي تڪليف ٿيندي آهي.
هن اپيل ڪئي ته علائقي ۾ ڪڪڙيون پاليندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.