عليم خان جو ڪراچي کان سکر موٽر وي ايم 6 منصوبو هلندڙ سال شروع ڪرڻ جو واعدو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ڪراچي کان سکر گرين فيلڊ موٽر وي ايم 6 جي تعمير هلندڙ سال شروع ڪرڻ جو واعدو ڪري ورتو.
سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي عبدالعليم خان چيو ته جيڪا جماعت اقتدار ۾ رهي، اها ايم سڪس نه ٺاهڻ جي ذميواري آهي.
پ پ ميمبرن جي احتجاج تي هن چيو ته پ پ جي حڪومت کي اهو موٽر وي ضرور ٺاهڻ گهرجي ها.
سندس چوڻ هو ته موٽر وي ايم 6 جي تفصيلي ڊيزائن ۽ لاڳت جو ڪاٿو مڪمل ٿي چڪو آهي، اهو موٽر وي رڳو حيدرآباد تائين محدود نه هوندو پر ان کي ڪراچي تائين وڌايو ويندو.
عبدالعليم خان چيو ته گذريل 4 حڪومتن جي ڪارڪردگي بابت انهن کان پڇو، مان پنهنجي 6 مهينن جي وزارت جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، اهو موٽر وي رڳو سنڌ نه پر سڄي پاڪستان جو منصوبو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪو روڊ ڪنهن به حڪومت ۾ نه ٺهيو ته اها حڪومت ئي ذميوار آهي، منهنجي لاءِ پ پ ۽ ن ليگ جي قيادت محترم آهي، جيڪڏهن ڪنهن ميمبر جي دل آزاري ٿي آهي ته معذرت ڪيان ٿو.
وفاقي وزير چيو ته ڪراچي کان سکر تائين ايم 6 موٽر وي ايندڙ 25 سالن ۾ 3 هزار ارب رپيا ڪمائي ڏئي سگهي ٿو، اهو منصوبو هلندڙ سال شروع ڪنداسين، ان منصوبي تي سنڌ حڪومت سان به مڪمل مشاورت ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.