سنڌ ۽ پنجاب مان تيل ۽ گيس جا نوان ذخيرا دريافت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ ۽ پنجاب مان تيل ۽ گيس جا نوان ذخيرا دريافت ٿيا آهن.
او جي ڊي سي ايل حاصل ڪيل تيل ۽ گيس جي ذخيرن بابت تفصيل پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي موڪلي ڇڏيا.
ڪمپني طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته حيدرآباد ۾ پساکي آئل فيلڊ 7 ۾ پهريون ڀيرو ملٽي فزيو ڪيميڪل اسٽيميوليشن ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويو، پساکي آئل فيلڊ ۾ جديد ٽيڪنالاجي سان ڪچي تيل جي پيداوار روز 375 بيرل مان وڌي 520 بيرل ٿي وئي آهي، ڪچي تيل جي پيداوار ۾ روز 145 بيرل واڌ ٿي.
او جي ڊي سي ايل خط ۾ چيو ته رحيم يار خان ۾ ماري ايسٽ فيلڊ مان پهريون ڀيرو گيس جا ذخيرا دريافت ٿيا آهن، ٻه ايم ايم ايس سي ايف ڊي گيس 14.5 ڪلو ميٽر پائيپ لائن مان اينگرو فرٽيلائيزر کي گيس منتقل ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.