اٽڪ (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ضلعي اٽڪ جي شهر حسن ابدال ۾ بجلي چوري خلاف ڇاپو هڻڻ تي گهر جي مالڪ اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (آئيسڪو) جي اهلڪارن تي ڪتا ڇڏي ڏنا.
پوليس موجب حسن ابدال ۾ آئيسڪو عملي بجلي چوري تي هڪ گهر تي ڇاپو هنيو، ڇاپي دوران گهر جي عورتن آئيسڪو اهلڪارن خلاف گوڙ شروع ڪري ڇڏيو.
پوليس ٻڌايو ته ان موقعي تي گهر جي مالڪ اهلڪارن تي پالتو ڪتا ڇڏي ڏنا، عملي ڀڄي جان بچائي، ان دوران هڪ اهلڪار مسعود ڪِري سخت زخمي ٿي پيو، سندس ڄنگهه ۽ ٻانهن ڀڄي پئي.
پوليس ٻن جوابدارن غازي خان ۽ ارشد خان خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو.
Prev Post
You might also like