ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ لاءِ پڃري ۾ ويندڙ شهري تي شينهن جو حملو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ پڃري ۾ بند پالتو شينهن سان وڊيو ٺاهڻ جو شوق نوجوان کي مهانگو پئجي ويو ۽ هو شينهن جي حملي ۾ زخمي ٿي پيو.
اهو واقعو لاهور جي علائقي سبزا زار جي ميان عمر ڊولا جي بريڊنگ فارم تي پيش آيو، جتي عظيم نالي نوجوان پڃري ۾ بند پالتو شينهن ڀرسان وڃي وڊيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته شينهن مٿس حملو ڪري ڏنو، جنهن سان نوجوان جي مُنهن، ڪلهي ۽ ٻانهن تي زخم آيا، کيس اسپتال منتقل ڪري طبي امداد ڏني وئي.
هوڏانهن پنجاب وائلڊ لائف جي ترجمان ٻڌايو ته ڊي جي وائلڊ لائف بريڊنگ فارم جي مالڪ خلاف قانوني ڪارروائي ۽ بريڊنگ فارم جو لائسنس رد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.