”حڪومتي ڪميٽي جو پي ٽي آءِ مطالبن جي جواب ۾ موقف تيار ڪرڻ جي خبر بي بنياد آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومتي ڳالهين جي ڪميٽي جي ڪنوينر عرفان صديقي چيو آهي ته ذريعن جي حوالي سان ميڊيا ۾ ايندڙ ان خبر ۾ ڪا صداقت ناهي ته حڪومتي ڪميٽي پي ٽي آءِ جي چارٽر آف ڊيمانڊ جي جواب ۾ پنهنجو موقف تيار ڪري ورتو آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ عرفان صديقي چيو ته اها خبر ۽ ان ۾ بيان ڪيل سمورا تفصيل بي بنياد آهن، هن وقت حڪومتي ڪميٽي ۾ شامل 7 جماعتون گڏيل مشاورت ۽ پنهنجي پنهنجي قيادت کان رهنمائي حاصل ڪرڻ جي عمل ۾ آهن.
هن چيو ته حتمي جواب تيار ڪرڻ ۾ هڪ هفتو وڌيڪ لڳي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.