گولڊن بواءِ نيرج چوپڙا جي ” ڳُجهي “ شادي، ڪنوار جا تفصيل سامهون اچي ويا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي جيولن اسٽار ۽ ٻه ڀيرا اولمپڪس ميڊل کٽيندڙ نيرج چوپڙا شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو.
ڀارتي اسٽار طرفان پنهنجي شاديءَ جي تقريبن کي انتهائي ڳجهو رکيو ويو هو ۽ ميڊيا سميت ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ آفيشلز به ان حوالي سان ڪائي ڄاڻ نه هئي.
نيرج چوپڙا 19 هين جنوري تي سوشل ميڊيا تي شاديءَ جون تصويرون شيئر ڪري پنهنجي پرستارن کي اِها خوشخبري ٻڌائي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، نيرج چوپڙا جي گهرواري هماني جو جو تعلق ڀارتي رياست هرياڻا سان ٻڌايو پيو وڃي، هوءِ سائوٿ ايسٽرن لوزيانا يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪندڙ ٽينس پليئر آهي.
ان کانسواءِ هوءَ فرينڪلن پئرس يونيورسٽي ۾ پارٽ ٽيم رضاڪار اسسٽنٽ ٽينس ڪوچ طور پڻ ڪم ڪري ٿي.
گولڊن بواءِ نيرج چوپڙا انسٽاگرام تي تصوير شيئر ڪئي ۽ ڪيپشن لکيو ته ” پنهنجي ڪٽنب سان زندگيءَ جو نئون باب شروع ڪيو، مان هر ان نعمت لاءِ شڪر گذار آهيان جنهن اسان کي هن لمحي تائين گڏ رکيو.“
پرڏيهي ميڊيا موجب، شادي کانپوءِ جوڙي هني مون تي روانو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.