اسلام آباد (فخر دراني) عمران خان جي جيڪا القادر ٽرسٽ هئي اها رڳو 8 مهينن لاءِ ٽرسٽ رهي هئي. عمران خان ٽرسٽ حاصل ڪري پوءِ نئون قانون آڻي ان کي ذاتي پراپرٽي بڻايو هو. هو رڳو ماڻهن کي ڏيکاري ٿو ته هن رجسٽريشن ڪرائي هئي. پر پنهنجو نئون قانون آڻڻ کانپوءِ هن وري رجسٽريشن نه ڪرائي عمران خان تازو ٽوئيٽ ڪيو ۽ پي ٽي آءِ وارا هاڻي اهو بيانيو ٺاهي رهيا آهن ته نيب جو ڪيس ٺهڻ ئي حسن نواز خلاف گهربو هو. هنن چيو ته ملڪ رياض جو خريد ڪيل ون هائيڊ پارڪ 8 ارب جو هيو هنن ملڪ رياض کي 16 ارب رپين ۾ وڪرو ڪئي ته اهو پيسو ڪيئن ويو ۽ ڪٿان ويو؟ ان تي جاچ ٿيڻ گهرجي ها. جڏهن ته نيب عدالت جي فيصلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شهزاد اڪبر جي اڳواڻي ۾ اثاثا واپس آڻڻ واري يونٽ حسن نواز جو اپارٽمينٽ ون هائيڊ پارڪ جا تفصيل گهريا هئا ۽ شريف ڪٽنب جي ملڪيتن جي جاچ ڪئي وئي. پوءِ اين سي اي طرفان ساڻن رابطو ٿيو 2018 ۾ ۽ ملڪ رياض خلاف جاچ هلي رهي هئي. اين سي اي ملڪ رياض خلاف سڀ تفصيل طلب ڪيا. اپريل 2019 ۾ اثاثا ريڪوري يونٽ اين سي اي کي خط لکي جواب ڏنا. شهزاد اڪبر جواب ۾ لکيو ته اها پراپرٽي قانوني پيسن مان خريد ڪئي وئي آهي ۽ ملڪ رياض ان کي اثاثن ۾ به ڄاڻايو آهي. 2018 عمران خان ايمنسٽي اسڪيم آندي هئي جنهن موجب ڪاري ناڻي کي اڇو ڪيو ويو هو. ان دوران ئي ملڪ رياض انهن اثاثن کي ڄاڻايو هو. اهو پيسو 190 ملين پائونڊ نومبر 2019 ۾ سپريم ڪورٽ رجسٽرار جي اڪائونٽ ۾ ملڪ رياض جي ڏنڊ جي حوالي سان اڪائونٽ کولي ان جي مد ۾ منتقل ٿيو. سپريم ڪورٽ جو اڪائونٽ به رياست پاڪستان جو اڪائونٽ آهي. ملڪ رياض کي 460 ارب رپيا ڏنڊ ان لاءِ ڏيڻو پيو هو جو جسٽس ثاقب نثار جي دور ۾ ملڪ رياض خلاف ڪيس ٿيا هئا. هن سنڌ ۾ بحريا ٽائون ٺاهيو هو. مٿس سنڌ حڪومت جي زمينن تي قبضي جي حوالي سان مٿس الزام هو. اهو ڏنڊ ملڪ رياض طرفان ڏنو ويو هو. عدالت جي رڪارڊ موجب اهو ثابت ٿئي ٿو ته شهزاد اڪبر ملڪ رياض کي صاف قرار ڏنو هو. شهزاد اڪبر ئي اين سي اي سان وڃي ڊيڊ آف ڪانفڊنشيليٽي سائن ڪئي هئي. اها شهزاد اڪبر ئي سموري ڪارروائي ڪئي هئي. اهو ئي هي اڪائونٽ ڏئي آيو هو. عمران خان ڪابينا کان بعد ۾ منظوري ورتي هئي.