ٽرمپ اڄ 47 هين آمريڪي صدر طور حلف کڻندو، تياريون مڪمل

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ  ٽرمپ جي حلف برداري جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. واشنگٽن ۾ سخت سردي سبب تقريب ڪيپيٽل هل جي اندر ٿيندي. ذريعن موجب پاڪستاني وقت موجب سومر جي شام ٽرمپ جي حلف برداري واري تقريب ۾ عالمي اڳواڻ به شرڪت ڪندا. پاڪستان جي نمائندگي آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ ڪندو. تقريب ۾ پاڪستان جون ڪيتريون ئي سياسي شخصيتون ۽ پاڪستاني آمريڪي پڻ شرڪت ڪندا. آمريڪي ميڊيا موجب ريپبلڪن طرفان افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڪيترن ئي ٽيڪ ٽائيٽن کي دعوت ڏني وئي آهي، جهڙوڪ ارب پتي ايلون مسڪ، جيف بيزوس ۽ مارڪ زڪربرگ، جڏهن ته چيني سوشل ميڊيا جائنٽ زيو ڪيو به شرڪت ڪندا. ان کان علاوه آمريڪا جا اڳوڻا صدر بل ڪلنٽن، جارج بش ۽ بارڪ اوباما به شرڪت ڪندا. حلف برداري تقريب دوران ٽرمپ جي حامين ۽ مخالفن پاران مظاهرن جو به امڪان آهي. مختلف ملڪن جا سربراهه به شرڪت ڪندا، پ پ چيئرمين بلاول به شريڪ ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.