ڪراچي ۾ پورهيت دشمن پاليسين خلاف ريلي،ليبر جو وزير هٽائڻ جو مطالبو

ڪراچي( رپورٽر) مختلف مزدور تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ سياسي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ کي برپٽ بڻائڻ لاءِ سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جي سازش بند ڪئي وڃي، سنڌ جو ليبر وزير تبديل ڪيو وڃي، فيڪٽرين مان مزدورن جون ڇانٽيون بند ڪري اتي مزدور قانون لاڳو ڪيا وڃن، اٽو، گيهه، ساين ڀاڄين سميت روزمره جي شين جا اگهه گهٽايا وڃن، اها ڳالهه ڪالهه شام جو ٽريڊ مزدور يونين ۽ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي تنظيم طرفان  ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي ڪئي وئي،ان موقعي تي ناصر منصور، عبدالخاق جوڻيجو،زھرا خان،ڊاڪٽر جئپال ڇاپڙيا،حبيب جنيدي،منظور رضي ۽ ٻين تقريرون ڪندي چيو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ کي ريگستان ۾ تبديل ڪرڻ جو مسئلو سنڌ ۽ پاڪستان جي مزدورن ۽ هارين جو مسئلو آهي، جنهن خلاف احتجاج ڪيو ويندو، هنن چيو سنڌ حڪومت جي ليبر وزير وٽ مزدور تنظيمن جي اڳواڻن سان ملڻ ۽ مزدورن جي مسئلن کي ٻڌڻ لاءِ وقت نه آهي، ان ڪري ان هٽائي ٻيو مزدور وزير مقرر ڪيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ بي روزگاري ۽ مهانگائي ڪري مزدورن، هارين ۽ ٻين غريبن جي زندگي عذاب بڻائي وئي آهي، ان لاءِ فوري طور روزمره جي شين جا اگهھ گهٽايا وڃن، فيڪٽرين ۽ ٻين نجي ادارن مان ٺيڪيداري نظام ختم ڪري اتي مزدور قانون نافد ڪيا وڃن. مزدور اڳواڻن چيو ته پاڪستان جي معيشيت  ۾ مزدورن جو اھم ڪردار آھي،پر مزدور بنيادي سھولتن کان محروم آھن، سرڪار جي مقرر ڪيل گھٽ ۾ گھٽ اجرت واري فيصلي تي به حڪومت عمل نٿي ڪري،سرڪار پاران مقرر ڪيل روزاني ڏهاڙي تي 90 سيڪڙو عمل ڪونه پيو ٿئي،هنن چيو ته اڄ جو پورهيت مهانگائي ۽ گهٽ اجرت ملڻ سبب فاڪاشي کي منهن ڏئي رهيو آهي وفاق سنڌ جي ڪوئلي گيس سميت قدرتي وسيلن تي قبضا ڪرڻ بعد سنڌو درياهه تي ڪينال ڪڍي ڪروڙين ماڻهن کي مارڻ چاهي ٿو سنڌو درياءَ تي ڪينال ڪڍڻ واري فيصلي کي رد ڪيون ٿا اسان سنڌي درياهه جا وارث آهيون، ھنن مطالبو ڪيو ته  ٺيڪيداري ۽ نجڪاري سميت مزدور دشمن پاليسون ختم ڪري فيڪٽرين ڪارخانن اندر مزدور يونين بحال ڪري سمورن مزدورن کي سماجي تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.