پرڏيهي ٽينس اسٽار ڀارت ۾ ناقص انتظامن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڊنمارڪ جي ٽينس اسٽار ميا بلچفيلڊ ڀارت ۾ ٿيندڙ انڊين اوپن ۾ ناقص انتظامن تان پردو کڻي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب ميا بلچفيلڊ جو چوڻ آهي ته تخت گاهه دهلي ۾ موجود اندرا گانڌي انڊور اسٽيڊيم جي حالت انتهائي ناقص هئي.
عالمي نمبر 23 رانديگرياڻي اسٽيڊيم جي خراب حالت تي تنقيد ڪرڻ سان گڏ شهر ۾ گدلاڻ تي به ڳالهايو.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ميا بلچفيلڊ خميس ڏينهن سنگل رائونڊ ۾ شڪست کانپوءِ ڇنڇر ڏينهن سوشل ميڊيا تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
هوءَ ان دوري ۾ پيٽ جي انفيڪشن جو شڪار پڻ ٿي هئي.
اسٽار رانديگرياڻي موجب اهو مسلسل ٻيو ڀيرو ٿيو آهي جو مان ڀارت جي دوري تي بيمار ٿيس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.