لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز لاهور ۾ جديد معيار جي ٽريفڪ لاءِ هڪ ٻيو انقلابي قدم کڻي ورتو.
لاهور جي روڊن تي سائيڪل ۽ موٽر سائيڪل سوارن لاءِ الڳ رستو مختص ڪيو ويو آهي، لاهور ڊيولپمينٽ اٿارٽي شهر ۾ مخصوص لين جو پائلٽ پراجيڪٽ شروع ڪري ڇڏيو.
ان قدم سان روڊن تي ٽريفڪ حادثن ۾ گهٽتائي ۽ ٽريفڪ رواني ۾ بهتري ايندي.
مرحلي وار لاهور جي سڀني روڊن تي بائيڪر لينز ٺاهيون وينديون، پهرئين مرحلي ۾ فيروز پور روڊ، ڪينال روڊ کان لاهور پل تائين بائيڪر لين جي تعمير جاري آهي، 10 ڪلو ميٽر بائيڪر لين کي خوبصورت سائي رنگ سان تيار ڪيو پيو وڃي.
You might also like