لاس اينجلس ۾ باهه هڪ پکي لڳائي، نئون بحث شروع ٿي ويو

آمريڪي رياست ڪيليفوريا جي شهر لاس اينجلس ۾ لڳندڙ باهه هر شئي کي رک ڪري ڇڏيو ۽ اختياريون ان حوالي سان جاچ ڪري رهيون آهن پر هڪ وائرل وڊيو باهه لڳڻ بابت نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي.
لاس اينجلس ۾ باهه سبب هزارين گهر تباهه ٿي ويا آهن ۽ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي.
مقامي اختياريون ۽ فائر ڊپارٽمينٽ باهه جا ڪارڻ ڄاڻڻ ۾ مصروف آهن پر سوشل ميڊيا تي هڪ عجيب دعويٰ ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي.
هڪ وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ پکي پنهنجي وات مان باهه ڪڍي ٿو ۽ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته ان ئي پکي لاس اينجلس جي ٻيلن ۾ باهه لڳائي.
وڊيو ڏسندڙن کي حيرت ۽ خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان مختلف نظريا گردش ڪري رهيا آهن.
ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته اها وڊيو هٿرادو ذهانت سان تيار ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪجهه جي دعويٰ آهي ته اها حقيقت تي ٻڌل ٿي سگهي ٿي پر فائر ڊپارٽمينٽ واضح ڪيو آهي ته في الحال ڪو حتمي بيان نٿو ڏئي سگهجي، ڇو ته جاچ جاري آهي.
اڪثريت جو چوڻ آهي ته وڊيو جعلي آهي ۽ باهه جا سبب قدرتي عمل يا انساني غلطيون ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته اختيارين عوام کي اپيل ڪئي آهي ته افواهن تي ڌيان نه ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.