سنڌ جي سڀني ٿاڻن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سنڌ جي سڀني ٿاڻن جي سڌي ريت مانيٽرنگ جو فيصلو ڪري ورتو.
آءِ جي سنڌ هر ٿاڻي ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرا ۽ ايس ايڇ او ۽ هيڊ محرر جي ڪمرن ۾ به ڪيمرائون لڳائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
غلام نبي ميمڻ چيو ته ڊيوٽي آفيسر جي ڪمري ۽ لاڪ اپ ۾ به ڪيمرائون لڳايون وڃن، سي سي ٽي وي فعال ڪرائي ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.