پاڪستان هٿان شڪست کانپوءِ ويسٽ انڊين ڪپتان جو اهم بيان سامهون اچي ويو

ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان ٽيسٽ ۾ شڪست کانپوءِ ويسٽ انڊين ڪپتان ڪريگ بريٿ ويٽ چيو آهي ته پاڪستان هوم ايڊوانٽيج سبب ڏُکي پچ تيار ڪرائي.
ميچ کانپوءِ گفتگو ڪندي ڪريگ بريٿ ويٽ چيو ته ملتان جي پچ ڏاڍي هئي، بال گهڻو اسپن ٿي رهيو هو، پاڪستان هوم ايڊوانٽيج سبب اهڙي پچ تيار ڪرائي.
هن چيو ته پاڪستان به ٻي اننگز ۾ سٺي بيٽنگ نه ڪئي، منهنجي خيال ۾ پهرين اننگز ۾ اسان کي وڌيڪ بهتر بالنگ ڪرائڻ گهرجي ها.
سندس چوڻ هو ته ملتان ۾ پاڪستاني شوقينن اسان کي به سپورٽ ڪيو، جنهن تي خوشي ٿي، اسان ٻي ميچ ۾ ڪم بيڪ ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.