ڪرم ۾ فوجي آپريشن لاءِ رستا کوليا پيا وڃن: مولانا فضل الرحمان

مردان (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ حڪومت نالي ڪا شئي ناهي، صوبي ۾ ڪرپشن جي بازار گرم آهي.
مردان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سياسي جماعت هجڻ جي حيثيت سان اسان ڳالهين جي حق ۾ آهيون، ڳالهيون نيڪ نيتي سان ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ کي ان سلسلي ۾ اسان جي مدد جي ضرورت آهي ته سهڪار لاءِ تيار آهيون.
هن چيو ته ڪرم ۾ فوجي آپريشن لاءِ رستا کوليا پيا وڃن، فوجي آپريشن مسئلي جو حل ناهي، ڪرم ۾ امن قائم ڪرڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي پر بدقمستي سان صوبي ۾ ڪرپشن جي بازار گرم آهي ۽ ڪميشن جا معاملا هلي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.