ڀارت جي مها ڪمڀ ميلي جي سُهڻي ساڌو عورت ڪير آهي؟

13 جنوري کان 16 فيبروري تائين جاري رهندڙ مها ڪمڀ دنيا جي سڀ کان وڏي مذهبي اجتماعن مان هڪ آهي، جتي لکين ماڻهو گنگا، جمنا ۽ سرسوتي جي سنگم تي روحاني سڪون جي ڳولا ۾ ايندا آهن.
ان دوران سڄي دنيا مان ايندڙ عقيدتمند سنگم تي اسنان (غسل) ڪندا، سنگم اها جاءِ آهي، جتي هندو عقيدي موجب مقدس درياهه گنگا، جمنا ۽ سرسوتي ملن ٿا.
خوبصورت ساڌوي جي حقيقت
اتر پرديش جي پرياگ راج ۾ جاري مها ڪنڀ ۾ لکين عقيدتمند مقدس سنگم تي اسنان لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن، اهو ميلو نه رڳو پنهنجي مذهبي اهميت سبب مشهور آهي پر مختلف انوکي شخصيتن ۽ دلچسپ واقعن سبب به ڌيان جو مرڪز بڻجندو رهندو آهي.
تازو هڪ نوجوان ڇوڪري ساڌوي جي لباس ۾ ميلي ۾ خاص ڌيان جو مرڪز بڻي، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ان کي خوبصورت ترين ساڌوي قرار ڏنو ويو پر جلد ئي اهو واضح ٿي ويو ته هوءَ اصل ۾ ساڌوي نه پر هرشا رچريا نالي هڪ ميزبان ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر آهي.
هرشا هڪ انٽرويو ۾ وضاحت ڪئي ته هوءَ ساڌوي ناهي پر هڪ ڪردار ادا ڪري رهي هئي، توڙي جو هن سناتن ڌرم بابت ڄاڻ ريلز ذريعي شيئر ڪئي آهي پر هوءَ ساڌوي بڻجڻ لاءِ ضروري مشقن مان ناهي گذري.
هن چيو ته مون کي ساڌوي نه چوڻ گهرجي، ڇو ته مان ساڌوي بڻجڻ لاءِ ضروري تربيت ۽ مرحلا مڪمل ناهن ڪيا، مان رڳو پنهنجي گرو جي کان منتر ورتو آهي ۽ ساڌنا جي شروعات ڪئي آهي، ماڻهو مون کي لباس جي بنياد تي خوبصورت ساڌوي چئي رهيا آهن، جيڪو غير مناسب آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.