پاڪستان ڪپهه جي پيداوار ۾ چوٿين کان ستين نمبر تي هليو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪاٽن جينرز جي چيئرمين ڊاڪٽر جيسومل چيو آهي ته ڪپهه اڇو سون آهي، ان کي جيئرو رهڻ ڏيو، پاڪستان ڪپهه جي پيداوار ۾ چوٿين کان ستين نمبر تي هليو ويو آهي.
فيڊريشن هائوس ڪراچي ۾ ڪاٽن بحالي جي معاملي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر جيسومل چيو ته ڪپهه جي پيداوار وڌائڻ لاءِ پائيدار پاليسي ڏني وڃي، ڪپهه کي ترجيح نه پئي ڏني وڃي، درآمدن تي دارومدار آهي، جننگ ليول تائين ٽيڪسن کي ختم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.