ايڪسائز ڊيوٽي جي مد ۾ وفاقي حڪومت جي روينيو ۾ 207 اربن جي واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايڪسائز ڊيوٽي جي مد ۾ وفاقي حڪومت جي روينيو ۾ 207 ارب رپين جي واڌ ٿي وئي.
ايف بي آر دستاويز موجب وفاقي حڪومت 24-2023 ۾ ايڪسائز ڊيوٽي جي مد ۾ 557 ارب رپيا گڏ ڪيا، سگريٽن، سيمينٽ، شربتن، ايئر ٽڪيٽ، ڀاڻ ۾ ٽيڪس روينيو وڌيو.
دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پيٽروليم، کير، ڪريم، جوسن، سيرپ سان ٽيڪس وصولي ۾ واڌ ٿي ۽ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 56 سيڪڙو وڌيڪ ايڪسائز ڊيوٽي وصول ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.