اسان تي ٽيرف وڌيو ته آمريڪي به ”ٽرمپ ٽيڪس“ لاءِ تيار رهن: ڪينيڊا

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊين پرڏيهي وزير نئين چونڊيل آمريڪي صدر طرفان ڪينيڊا جي سامان تي ڪسٽم ڊيوٽي وڌائڻ جي تجويز ڪيل منصوبي تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير ميلاجي جولي موجب جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ ڪينيڊين پراڊڪٽس تي ڪسٽم ڊيوٽي وڌائي ٿو ته جواب ۾ آمريڪين تي ”ٽرمپ ٽيڪس“ لڳايو ويندو.
هن چيو ته جيڪڏهن ٽرمپ پنهنجي اعلان تي عمل ڪيو ته ڪينيڊا به قدم کڻڻ جي تياري ڪري ڇڏي آهي، اها ڏهاڪن کانپوءِ ڪينيڊا ۽ آمريڪا ۾ هڪ وڏي واپاري جنگ هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.