بجلي واهپيدارن لاءِ اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينٽرل پرچيزنگ پاور ايجنسي (سي پي پي اي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ۾ ڊسمبر جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ في يونٽ بجلي جو اگهه گهٽائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.
سي پي پي اي طرفان نيپرا ۾ داخل درخواست کانپوءِ هڪ مهيني لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ هڪ رپيو 3 پيسا گهٽتائي جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي.
نيپرا ۾ درخواست ڊسمبر جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن تي 30 جنوري تي ٻڌڻي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.