اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت جي ڳالهين واري ٽيم جي ترجمان عرفان صديقي پي ٽي آءِ چيئرمين جي آرمي چيف سان ملاقات تي بئريسٽر گوهر کي پيغام ڏنو آهي ته ”ٻن ٻن ، ٽن ٽن دروازن کان ڳالهيون هڪ ئي وقت ناهن ٿينديون.
هڪ بيان ۾ عرفان صديقي چيو ته هن کي بئريسٽر گوهر جي آرمي چيف سان ملاقات جي تفصيل ۽ ڳالهين بابت ڄاڻ ملي آهي.
هن چيو ته بئرسٽر گوهر چيو آهي ته سڌي ريت اعليٰ فوجي سطح تي ڳالهه شروع ٿي چڪي آهي، جيڪا اطمينان بخش آهي، بئريسٽر گوهر چيو ته بيڪ ڊور پروسيس پڻ هلندو ۽ فرنٽ ڊور پروسيس به.
عرفان صديقي چيو ته ٻن ٻن، ٽن ٽن دروزان کان ڳالهيون هڪ ئي وقت ناهن ٿينديون، تنهنڪري هاڻي ننڍن ننڍن درن، درين ۽ روشن دانن ۾ جهاتيون پائڻ جو ڪو فائدو ناهي. جيڪڏهن اهو در کلي ويو آهي جنهن لاءِ سال کان ڪوشش ڪري رهيا هئا ته پوءِ هي ڪوشش کي ڇڏي ڇڏيو.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جو باني ۽ عليمه خان به آرمي چيف سان بئريسٽر گوهر جي ملاقات کي سٺو سنئوڻ قرار ڏئي رهيا آهن.
You might also like