تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻاهران هٿياربند شخص فائرنگ ڪري ٻن ججن کي قتل ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب،ايران جي راڄڌاني تهران ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻاهران فائرنگ جي واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 جج مارجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته مقتول ججن ۾ علي رازيني ۽ محمد مغيثي شامل آهن، جيڪي قومي سلامتي، جاسوسي ۽ دهشتگردي سان لاڳاپيل ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري رهيا هئا.
ميڊيا رپورٽس موجب، فائرنگ جو واقعو مصروف علائقي تهران اسڪوائر ۾ سپريم ڪورٽ جي ويجھو پيش آيو، جنهن ۾ هڪ جج زخمي پڻ ٿيو، جڏهن ته حملي آور پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، جج علي رازيني تي 1998ع ۾ پڻ قاتلاڻو حملو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هن جي گاڏي ۾ بم رکيو ويو هو ۽ ان حملو ۾ هو زخمي ٿي پيو هو.
You might also like