”سنڌو تي ڌاڙو نامنظور“، صنعان پاران 23 فيبروري تي ڊيرا موڙ وٽ ڌرڻي جو اعلان

سن: سائين جي ايم سيد جي 121 هين سالگرھه جي موقعي جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سائين جي ايم سيد جي مزار جي سيراندي کان جلسو منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب دوران ڪشمور ۾ ڊيرا موڙ تي 23 فيبروري تي سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف ڌرڻي جو اعلان ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد تاريخ جي دز کي هٽائي سنڌي قوم کي وساريل سنڌ ياد ڏياري ۽ ذاتين، قبيلن ۾ ورهايل قوم کي عالمي اصولن تحت هڪ قوم جي شڪل ڏني،سنڌ کي پيار، محبت، امن ۽ آجپي جو فڪر ڏنو، سنڌ جي رهبر سياسي  ۽ قومي جدوجهد لاءِ عدم تشدد جي واٽ ڏيکاري ۽ پاڻ سڄي حياتي عدم تشدد جي پاليسي تي هليو، سائين جي ايم سيد جي پيغام لطيف، سنڌو جي ساڃاهہ، سنڌي ڪلچر، جيئن ڏٺو آ مون ۽ ٻيا اهڙا 60 کان مٿي ڪتاب لکي سنڌ جي نظرياتي ۽ فڪري تربيت ڪئي آهي. هن چيو ته هن وقت ڪجھه ڌريون هٿ وٺي سنڌ ۾ انتهاپسندي پکيڙڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن، جڏهن ته سنڌ اڳ ۾ ئي سائين جي ايم سيد جي فڪر جي روشنيءَ ۾ هر قسم جي انتهاپسندي کي رد ڪندي رهي آهي، پوءِ اها انتهاپسندي سياسي، مذهبي هجي ذاتي هجي يا ڪنهن به رنگ ۽ شڪل ۾ هجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ پيار، محبت، امن ۽ رواداري جي سرزمين آهي. جتي فتنو فساد سنڌ جي عالمن ۽ درويش پنهنجي تعليمات ذريعي ختم ڪيو هو. هن چيو ته سنڌ جي سمورن وسيلن تيل، ڪوئلي، گئس تي وفاق جي نالي ۾ اڳئي پنجاب جو قبضو آهي، پر هاڻي سنڌ جي جياپي جي آخري وسيلي سنڌو درياھه تي قبضي لاءِ پنجاب پنهنجي طاقت ۽ ڏاڍ جي بنياد تي سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال ٺاهي رهيو آهي. جنهن سان سنڌ تباھه ٿي ويندي، سنڌ جو وجود ميسارجي ويندو، تنهن ڪري سنڌ جو وجود بچائڻ لاءِ درياھه کي بچائڻ لاءِ ڪشمور ضلعي ۾ ڊيرا موڙ تي 23 فيبروري ڌرڻي جو اعلان ڪيان ٿو، ڌرڻي ۾ سنڌي قوم کي شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو. هن چيو ته جيئي سنڌ قومي محاذ سنڌ جي قومي نمائندا پارٽي آهي جيڪا 1995ع ۾ سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي بعد غم کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي جذبي سان سيد جي چاليهي تي سن ۾ ٺهي. جنهن کي جيل مان آزاد ٿي شهيد بشير خان قريشي پنهنجي لازوال جدوجهد سان سنڌ جي قومي پارٽي بڻائي ڇڏيو، جيڪا پارٽي سائين جي ايم سيد جي فڪر جي ترجمان ۽ شهيد بشير خان قريشي جي امانت آهي. جڏهن ته 14 فيبروري تي محبتن جي عالمي ڏينهن تي شهيد بشير خان قريشي جي مزار تي وڻ ۽ ٻوٽا لڳائي ساڻس محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو ويندو. جنهن لاءِ ڪارڪن کي محبتن جي عالمي ڏينهن تي شهيد بشير خان قريشي سان محبت جو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيان ٿو ۽ سڄي سنڌ مان قبيلا جهيڙا ختم ڪرڻ لاءِ منٿ ميڙ فافلا کڻي سنڌ ۾ امن ڪرايو ويندو.  جسقم سينئر وائيس چيئرمين امجد مهيسر, جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام, مومن سمون, اطهر سومرو، اشرف ڪلهوڙو، ناياب سرڪش خطاب ڪيو، جلسي ۾ نوجوان راڳي فيضان سرور سخيراڻي ۽ ساجد سنڌي قومي گيت ڳائي سيد کي قومي سلام پيش ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.