عمران خان جو ملڪ رياض سان معاهدي جو دفاع

راولپنڊي (عمران شفقت) اڊيالا جيل ۾ صحافين جو وڏو انگ فيصلو ٻڌڻ لاءِ پهتو. ان دوران عمران خان پريشاني جو شڪار هيو ۽ پريشاني کي لڪائڻ لاءِ اوور ايڪٽ  ڪري رهيو هيو. وڪيلن سميت سڀني کي اندازو هيو ته سزا ٿيڻي آهي. صحافي پاران عمران خان کان پڇيو ويو ته توهان  ته ملڪ رياض کي ٺيڪيدار سڏيندا هيئو ته پوءِ توهان ان کان پيسا ڪيئن ورتا؟ جنهن تي عمران خان چيو ته ٻڌو ٻڌو ملڪ رياض  سان ڪنٽريڪٽ ان جي ڪري ڪيو هيو جو ان وٽ مشينري وڏي هيوي آهي سو اهي ٽڪريون هيون ته اتي ڪم جلدي ٿي ويو، جڏهن نمل يونيورسٽي ٺاهي هئي ته وڏو وقت لڳي ويو هيو.حسن ايوب جي سوال تي عمران خان چيو ته قومون اخلاق تي بيهنديون آهن ويسٽ اخلاق جي ڪري اڳتي آهي قرآن پاڪ ۾ به ان جوذ ڪر آهي پر هتي ته ڊڪٽيٽرن تباهي ڪري  جيڪو انهن سان گڏ بيهي ان جي حق ۾ فيصلا ۽ جيڪو خلاف ان جي خلاف فيصلا اچي وڃن ٿا. ملڪ رياض وٽ چوري جو پيسو هئڻ واري سوال جو جواب عمران خان نه ڏنو. هن چيو ته هي ته 900 ارب آهن جيڪي مان چپٽي وڄائي گڏ ڪري ٿو سگهان. فيصلي بعد هن چيو ته هتي ڊڪٽيٽر شپ آهي منهنجي نيڪ زال کي جيڪا گهر ويٺي هئي ان کي سزا ٻڌائي آهي  پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو هڪ ٽرسٽي کي سزا ڏني وئي آهي هنن مون کي ٽوڙڻ ٿي گهريو ۽ بدنام ڪرڻ ٿي گهريو. سو بيرسٽر علي ظفر جو چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي کي سز ا بعد ڊيل جو تاثر ختم ٿي ويوآهي. هوڏانهن فيصلي جي موقعي تي پي ٽي آءِ جي طرفان ڪا خاص پريزينٽيشن موجود نه هئي ۽ معمول جون حالتون هيون.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 18 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.