ايس آءِ ايف سي نئون ون يونٽ، ادارن کي پاڻي ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين :ساڃاهه وند

سن (رپورٽ: حسيب لطيفي/ صدرالدين جوڻيجو/ يوسف عمراڻي)  : سن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 121 هين سالگرهه سيد جي درياءُ واري بنگلي جي سالگره گرائونڊ ۾ جوش جذبي سان ملهائي وڏو جلسو ڪرايو ويو  سيد جي سالگرهه جو سيد زين شاهه،   ڊاڪٽر سيد ضياءُ شاھ  منير حيدر شاھ سيد سارنگ مرتضي شاھ جونيئر جي ايم سيد جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي روشن علي ٻرڙو ۽ ٻين گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو. ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاه صدارتي خطاب ڪندي چيو ته هن ملڪ جي ڪاروهنوار کي سيد جي نظرئي سان ڏسبو ته کيس وڇڙي 30سال ٿي ويا آهن سيد ڪڏهن به نظرين تان هٿ نه کنيو شاھ لطيف جي سڄي شاعري تي عمل ڪندي  سائين جي ايم سيد سورمو ٿي  ڏيکاري عملي جدوجهد ڪئي سيد قوم کي ترقي ۽ ڀلائي طرف آڻڻ ٿي چاهيو جنهن بنياد تي ملڪ ٺهيو ۽ سيد متحرڪ ٿيو هو هاڻي تاريخ ۾ گهڻا باب ٺهي ويا آهن ڪيترائي ملڪ جدوجهدن ذريعي آزاد ٿيا. سيد 50 سال اڳ چيو هو ته ملڪ طاقتور ملڪن جي مفادن لا۽ ٺهيو آهي. 40 ۾ هڪ زبان ڪري ڦري ويا. هنن اهڙي رياست ٺاهي جيڪا انهن طاقتن لاءِ استعمال ٿئي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ناڪام آهي. سيد زين شاھه خطاب ڪندي چيو ته هن ملڪ بابت گھڻا سچ سائين جي ايم سيد گھڻو وقت اڳ ٻڌائي ڇڏيا هئا. شروعات ۾ ئي 1940ع واري واعدي تان هن ملڪ جي قيادت ڦري وئي. سنڌ جي زمين, وسيلا, درياهه ۽ ادارا ان قيادت جي نظر ۾ رھيا. هن چيو ته پاڪستان ٻاهرين طاقتن استعمال ڪيو. ظاهري اسان جي حڪمرانن جي حيثيت ڪا به نه رھي آهي.  ھي پاڻ ملڪ جا دشمن آھن. اهي ماڻھو ملڪ جي نالي ۾ پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ چاھين ٿا. هن چيو ته سائين جي ايم سيد پيغام سنڌ ڏنو، سائين جي ايم سيد پنھنجي قوم کي سجاڳي ڏيڻ پئي چاھي. سائين دنيائي فڪر کان وٺي قومي فڪر تي عمل ڪيو.  هن چيو ته ايس آئي ايف سي ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام تحت سنڌ جي پاڻي ۽ زمين تي قبضو قبول ناهي. ان منصوبي ملڪ جي ھر اداري کان آزادي کسي ورتي آھي. عدالتون به ختم ڪيون ويون آهن. اسان هن ملڪ ۾ پنهنجي زمين ۽ وسيلن جي حفاظت جي لاءِ شامل ٿيا هئاسين. پر ٿيو ان جي ابتڙ ۽ ملڪ جي قيادت واعدن تان ڦري وئي. هن چيو ته اسان جو درياھه اسان جي تهذيب ۽ سڃاڻپ آھي. 6 ڪئنال ڪڍي ويا ته انهن ڪئنالن ۾ ھڪ درياهه جيترو پاڻي ويندو ۽ درياھه سڪي ويندو. هن چيو ته ملڪ جي سياست ۾ اڳ به ڪو سٺو ماحول ناھي رهيو. پر هاڻ ڪوڙي ۽ فراڊ اليڪشن ذريعي پنھنجي پسنديده ماڻھن کي اقتدار ۾ ويھاريو ويو آهي. اسان کي پنھنجي رھبر سان رھڻ جو موقعو مليو. هن چيو ته قوم تي ھاڻي وڌيڪ ڏکيو وقت اچي ويو آهي. فيسبڪ تي ھڪٻئي کي گاريون ڏيڻ يا گهٽ وڌ نه ڳالهايو وڃي.  سيد زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته گرين پاڪستان انيشيٽو منصوبو مالدار ماڻهن, ڪمپنين ۽ جاگيردارن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. هن چيو ته اسٽيبلشمنٽ کي چوان ٿو ته ڪجهه ماڻهن جي ترقي لاءِ سنڌ جي 7 ڪروڙ ماڻهن جو روزگار, پاڻي, ڌرتي ۽ وسيلا نه ڦريو, ملڪ ائين ترقي نٿو ڪري سگهي ۽ ملڪ نه هلندو. عوام ۾ بغاوت جنم وٺندي. هن چيو ته سنڌ جا وسيلا, درياهه ۽ زمين سنڌ جي ايندڙ نسلن جي امانت آهي. جنهن جي مالڪي ڪنداسين. موجوده وقت ۾ سنڌ لاءِ وڏا چيلينج آهن. هن چيو ته سائين جي ايم سيد هميشه سچ سان گڏ بيٺو رهيو. سائين جي ايم سيد فاطمه جناح جي کلي حمايت ان ڪري ڪئي هئي ته فوجي جنرل ان جي خلاف هئا. پاڪستان جي تاريخ ڪوڙ تي ٻڌل آهي. سنڌ تي مذهب جي نالي تي سوين حملا ڪيا ويا. سنڌ کي لٽيو ۽ ڦوريو ويو. جنهن تي سائين جي ايم سيد لکي قوم کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ جو اهو حال آهي ته جيڪڏهن چالس نيپئر به مسلمان هجي ها ته ان کي به هيرو لکيو وڃي ها.  اسان کي هٿ ٺوڪيا نظريا قبول ناهن. هن چيو ته جيڪي پنڊي جا پٽ ٿي ڪم ٿا ڪن اهي اسان جي مٿان حڪمران نٿا ٿي سگهن اسان انهن کان لاتعلقي جو اعلان ڪيون ٿا.. جي ڊي اي جنرل سيڪيريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته سياسي ڪارڪن ۽ سياسي اڳواڻ ارتقائي عمل مان گذرندو آھي. سائين جي ايم سيد به ان عمل مان گذريو آهي. سيد زين شاھه به سائين جي ايم سيد جي شاگرد جي حيثيت سان اڳڀرو آهي. ھن چيو ته سنڌ اتان ٿي شروع ٿئي جتان سنڌو درياهه شروع ٿيندو آهي. سنڌو درياهه سنڌ جو آھي. اسان کي پنھنجا حق وٺڻ ۽ پنھنجي پاڻي لاءِ اسلام آباد وڃڻو ٿو پوي. ھن وقت سنڌ جي پڇڙي ۾ پاڻي ناھي. سنڌو درياهه تي واھه ٺھڻ کانپوءِ ته سڄي سنڌ ۾ پاڻي نه ھوندو. سنڌ جي حقن جي جدوجھد شروع ٿي آھي اھا جدوجھد جاري رھندي. سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ نه ڏينداسين. جماعت اسلامي جي اڳواڻ اسدالله ڀٽو چيو ته سائين جي ايم سيد سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ وقف ڪري ڇڏي، سنڌ مسئلن جو شڪار آھي. ووٽ وٺڻ لاءِ ايندڙ وڏيون دعوائون ڪندا آھن. ووٽ وٺي اقدار ۾ پھچڻ کانپوءِ سنڌ وسري ويندي اٿن. هن چيو ته حڪمرانن سنڌ جو پاڻي وڪڻي ڇڏيو آهي. پاڻي لاءِ وڏي جدوجهد ڪرڻي پوندي. اسان سنڌو درياهه تي واھ نه ٺاهڻ نه ڏينداسين. ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو چيو ته سائين جي ايم سيد پاڪستان جي حق قرارداد پاس ڪرائي. پر سائين جي ايم سيد قومن کي برابريءَ جا حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ته ان تي قائداعظم سان اختلاف شروع ٿيا ۽ هو مسلم ليگ کان ڌار ٿيو. سائين جي ايم سيد جي لاءِ جيلن جا در کلي ويا. هن چيو ته بندوق جي زور تي رياست ھلائيندا ته پوءِ بنگلاديش جھڙي صورتحال پيدا ٿيندي. بندوق جي زور تي ھراسان ته ڪري سگهجي ٿو پر ماڻهن جا ذھن بدلائي نٿا سگھجن. هن چيو ته سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي موقعي تي بسن ۽ وين جي اڏن تي چيو ويو گاڏيون ڏيندا ته لائسنس رد ڪيا ويندا. ان ھوندي به اڄ سن ۾ سائين جي ايم سيد جي عاشقن جو سمنڊ اٿليو آهي. ھن چيو ته قرباني جي جذبي کي وڌايو. ايس يو پي جي جگديش آھوجا چيو ته جدوجھد ان موڙ تي پھتي آھي جتان وجود جي جنگ شروع ٿئي ٿي. جنهن ڪري ان جدوجھد ۾ عورتن, مردن ۽ ٻارن کي به شامل ٿيڻو پوندو. سائين جي ايم سيد ميموريل ڪميٽي طرفان ناليواري شاعر حليم باغي کي لائيف ٽائيم ميموريل ايوارڊ ۽ ڏيڍ لک رپيا روڪ رقم ڏني وئي. سيد امداد محمد شاهه اسڪول مجيد ڪيريو جي شاگردياڻين گيت جڳ جڳ جيئدو رهندو سنڌو وهندو رهندو تي ٽيبلو پيش ڪري خوف داد حاصل ڪيو. سائين جي ايم سيد جي 121 سالگره تي ايس يو پي پاران مختلف قراردادون پڻ پيش ڪيون ويون. ت سنڌ جي زمين تي قدرتي ۽ معدني وسيلن تي مالڪي جو حق سنڌين جو آھي، پيپلز پارٽي اقتدار خاطر ۽ ڪرپشن جي ڪيسن مان ڇوٽڪاري عيوض سنڌ جي مفادن جو سودو ڪري چڪي آھي، هي ايوان گهر ٿو ڪري ته سنڌ جي زمينن ۽ معدني وسيلن کي وفاق حوالي ڪرڻ وارا سمورا فيصلا واپس ورتا وڃن. سنڌو درياء سنڌ جي سرزمين ۽ سنڌو ماٿري تهذيب جو خالق درياء آھي سنڌو درياء جو وجود زنده رکڻ لاء انهي جو سمنڊ تائين ڇوڙ ڪرڻ درياء جو فطري حق آھي.ايس آء ايف سي ون يونٽ جي جديد شڪل آھي جنهن ۾ عسڪري ادارا وفاق جي نالي ۾ صوبن ۾ معدني وسيلن، زمين ۽ پيداواري ذريعن تي قابض ٿي رهيا آھن . سنڌ يونائيٽيڊ 26هين آئيني ترميم، جنهن جي ڪري قانون ۽ عدالتون انصاف تي فيصلا نه ڪري سگهنديون.

سن ويندڙ ڪارڪنن جي رستا روڪ، عورتن کي به روڪيو ويو

سن: جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي موقعي تي سن ويندڙ قومي ڪارڪنن جي قافلن جي رستا روڪ ڪئي وئي. سن ۽ مانجهند کان وٺي ڄامشورو ۽ ٻين علائقن ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن سن ويندڙ قافلن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن دوران ڪارڪنن ۽ اهلڪارن وچ ۾ ڇڪتاڻ پڻ ٿيندي رهي. عورتن جي گاڏين کي به روڪيو پئي ويو. رنڊڪن باوجود هزارين ماڻهن سن پهچي سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون ۽ گل رکيا. سائين جي ايم سيد سالگرهه تقريب دوران قلم 144 لاڳو ڪيو ويو هو. ڪالهه رات دير سان ئي ڄامشوري ضلعي ۾ پوليس مختلف هنڌن تي مقرر ڪئي وئي. صبح سوير سن ويندڙ قافلن جي رستا روڪ شروع ٿي جيڪا ڪيتري ئي دير تائين جاري رهي.

سيد مفڪر اعظم ھو، ھن سنڌ جي حقن خاطر قيد ۾ گذاريو 

حيدرآباد:( پ-ر) سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد پاران سنڌ جي برک عالم،اديب، قومي اڳواڻ جي ايم سيّد جي 121 ھين  سالگرہ جي حوالي سان سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ گاڏي کاتي حيدرآباد ۾  سائين جي ايم سيّد جي پورٽريٽ تي گل پاشي ڪئي وئي ۽ ڪيڪ ڪاٽيو ويو. گڏجاڻي ڊاڪٽر اظھر علي شاھ جي صدارت ۾ ٿي گذري۔ ان موقعي تي اظھر علي شاھ چيو ته  سائين جي ايم سيّد سنڌي قوم ۽ معاشري سان گڏ پوري انسان ذات لاءِ ادب ،سياست مذھب،رياست ،تعليم ۽ سمورن سماجي ادارن جي بھتري لاء نئون فڪر ۽ لاڙو متعارف ڪرايو. شاھ لطيف جي ڪلام جو سياسي پھلوء جي تشريح ڪندي سنڌي قوم لاء حب الوطني ،پاڻ سڃاڻڻ ،بي خوفي ۽ ھمت سان گڏوگڏ شخصي قرباني ۽ مظلومن جي ساٿ جو پيغام ڏئي ٿو. نئين سنڌ جي تعمير لاء اسان سڀني کي پاڻ پتوڙڻ گھرجي. مولابخش محبتي چيو ته سائين جي ايم سيّد مفڪر اعظم ھو.ھن زندگيء جو وڏو حصو سنڌ جي حقن خاطر قيد ۾ گذاريو. سليم چنا چيو ته سائين جي ايم سيد جو ھر پھلوء نمايان آھي. سنڌ جي نوجوانن کي سائين جا ڪتاب پڙھڻ گھرجن.ان سان انھن جو شعور وڌندو، ھو زندگيءَ جي نئين واٽ وٺندا. گل سنڌي چيو ته سائين جي آيم سيد ادبي، ثقافتي، تاريخي ۽ تعليمي فلسفو پيش ڪيو آھي ان لاء ھن تمام گھڻا تاريخي حوالا ڏنا آھن. سنڌ جي اندر مذھبي انتھا پسندي کي روڪڻ لاءِ سيد جي ڏنل تعليم جو نتيجو آھي، وحيد ڳاھي چيو ته سائين جي ايم سيّد اسان کي سھپ ۽ رواداري جو درس ڏنو آھي،ايڊوڪيٽ حسين ڏاھري چيو ته سائين جي ايم سيد ڪتاب سنڌوء جي ساڃاھ پڙھي گھڻو متاثر ٿيس.،گڏجاڻي کي نظير ملڪاڻي،شاڪر عزيز سيتائي،طالب ڀنڀري،سيد شاد نمائي،شيرل گوپانگ،دريا خان پيرزادي،ڊاڪٽر عزيز ٿيٻي۽ ٻين خطاب ڪيو،.آخر ۾ ڪمشنر حيدرآباد طرفان تعلقي مانجھند م سائين جي ايم سيّد جي سالگره جي موقعي تي قلم 144 لاڳو ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪئي وئي.

  1. سيد جي نظريي تحت سنڌ کي پنجوڙ مان آجو ڪرائينداسين: رهبر ڪاميٽي

سن: جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي طرفان سائين جي ايم سيد جي 121هين سالگرھه جي موقعي تي سائين جي ايم سيد جي مزار جي پيراندي کان جلسي جو پنڊال سجايو ويو۔ جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ قومي ڪارڪن موجود هئا. ان  موقعي تي رهبر ڪاميٽي جي ڪنوينر جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد جي 121 هين سالگرھه جي موقعي تي طاقتورن جي چوڻ تي انتظاميا سدائين جيان هن ڀيري به 144 قلم لاڳو ڪري ڪارڪنن کي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر سيد ۽ سنڌ جا عاشق ڊڄڻ وارا ناهن. هن چيو ته سائين جي ايم سيد جو فڪر آفاقي آهي. اسان ان نظريي تحت سنڌ جي غلامي جي نجات لاءِ آجپي وارو رستو اختيار ڪري پنهنجي وطن کي پنجاب جي پنچوڙ مان آزاد ڪرائنداسين. جيئي سنڌ قومي محاذ شهيد بشير خان جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته جناح کان سائين جي ايم سيد پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي ڌار ٿي ويو هو. ڇاڪاڻ ته سائين سمجهو سنڌ سان مڪمل زيادتي ڪئي پئي وڃي, اڄ اهي ماڻهو پنهنجي نرگسيت ظاهر ڪن ٿا جيڪي جناح سان گڏ بيٺا هئا, پر سائين جي ايم سيد سنڌ ۽ سنڌي قوم جي حقن لاءِ سدائين ويڙھه ڪئي. تنهن ڪري سائين جي ايم سيد جو پيغام ئي سنڌ جي نجات جو حل آهي. هن اعلان ڪيو ته 21 جنوري تي سنڌو درياھه کي سڪائڻ واري عمل خلاف ٻٻرلو باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي پنجاب جا رستا بند ڪيا ويندا. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيي چيو ته هن وقت سنڌ گهڻ طرفي سازشن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي پاڻ سڀ گڏجي پنهنجي وطن لاءِ سائين جي ايم سيد جي فڪر تحت پرامن جدوجهد وسيلي سنڌو درياھه ۽ سنڌ جي زميني والار خلاف سراپا احتجاج بڻجون ۽ پنجاب طرفان 6 ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو رد ڪرايون. جست چيئرمين سورهيه سنڌي چيو ته سائين جي ايم سيد جا اسين سڀ ڪارڪن سپاھي سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڪنداسين, قلم 144 لاڳو ڪري ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ واري روش رياست جي پلي نٿي پئجي سگهي. اسان پنهنجي ڪارڪنن جي جيلن به مالڪي ڪئي آهي. جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ اتساھ آهي. سنڌ جي وسيلن لاءِ جيڪا به جدوجهد ڪئي وڃي ٿي ان ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي هر احتجاج ۾ گڏ رهندي. جلسي کي جست اڳواڻ انور بڙدي, نواز شاھه ڀاڏائي, عبدالفتاح چنا, محمد علي خشڪ ۽ ٻين خطاب ڪيو ۽ قومي فنڪار وقار ملاح ۽ وحيد سنڌي قومي ترانو پڙهيو ۽ سائين جي ايم سيد جي 121 هين سالگرھه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو..

”سنڌو تي ڌاڙو نامنظور“، صنعان پاران 23 فيبروري تي ڊيرا موڙ وٽ ڌرڻي جو اعلان

سن: سائين جي ايم سيد جي 121 هين سالگرھه جي موقعي جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سائين جي ايم سيد جي مزار جي سيراندي کان جلسو منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب دوران ڪشمور ۾ ڊيرا موڙ تي 23 فيبروري تي سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف ڌرڻي جو اعلان ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد تاريخ جي دز کي هٽائي سنڌي قوم کي وساريل سنڌ ياد ڏياري ۽ ذاتين، قبيلن ۾ ورهايل قوم کي عالمي اصولن تحت هڪ قوم جي شڪل ڏني،سنڌ کي پيار، محبت، امن ۽ آجپي جو فڪر ڏنو، سنڌ جي رهبر سياسي  ۽ قومي جدوجهد لاءِ عدم تشدد جي واٽ ڏيکاري ۽ پاڻ سڄي حياتي عدم تشدد جي پاليسي تي هليو، سائين جي ايم سيد جي پيغام لطيف، سنڌو جي ساڃاهہ، سنڌي ڪلچر، جيئن ڏٺو آ مون ۽ ٻيا اهڙا 60 کان مٿي ڪتاب لکي سنڌ جي نظرياتي ۽ فڪري تربيت ڪئي آهي. هن چيو ته هن وقت ڪجھه ڌريون هٿ وٺي سنڌ ۾ انتهاپسندي پکيڙڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن، جڏهن ته سنڌ اڳ ۾ ئي سائين جي ايم سيد جي فڪر جي روشنيءَ ۾ هر قسم جي انتهاپسندي کي رد ڪندي رهي آهي، پوءِ اها انتهاپسندي سياسي، مذهبي هجي ذاتي هجي يا ڪنهن به رنگ ۽ شڪل ۾ هجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ پيار، محبت، امن ۽ رواداري جي سرزمين آهي. جتي فتنو فساد سنڌ جي عالمن ۽ درويش پنهنجي تعليمات ذريعي ختم ڪيو هو. هن چيو ته سنڌ جي سمورن وسيلن تيل، ڪوئلي، گئس تي وفاق جي نالي ۾ اڳئي پنجاب جو قبضو آهي، پر هاڻي سنڌ جي جياپي جي آخري وسيلي سنڌو درياھه تي قبضي لاءِ پنجاب پنهنجي طاقت ۽ ڏاڍ جي بنياد تي سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال ٺاهي رهيو آهي. جنهن سان سنڌ تباھه ٿي ويندي، سنڌ جو وجود ميسارجي ويندو، تنهن ڪري سنڌ جو وجود بچائڻ لاءِ درياھه کي بچائڻ لاءِ ڪشمور ضلعي ۾ ڊيرا موڙ تي 23 فيبروري ڌرڻي جو اعلان ڪيان ٿو، ڌرڻي ۾ سنڌي قوم کي شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو. هن چيو ته جيئي سنڌ قومي محاذ سنڌ جي قومي نمائندا پارٽي آهي جيڪا 1995ع ۾ سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي بعد غم کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي جذبي سان سيد جي چاليهي تي سن ۾ ٺهي. جنهن کي جيل مان آزاد ٿي شهيد بشير خان قريشي پنهنجي لازوال جدوجهد سان سنڌ جي قومي پارٽي بڻائي ڇڏيو، جيڪا پارٽي سائين جي ايم سيد جي فڪر جي ترجمان ۽ شهيد بشير خان قريشي جي امانت آهي. جڏهن ته 14 فيبروري تي محبتن جي عالمي ڏينهن تي شهيد بشير خان قريشي جي مزار تي وڻ ۽ ٻوٽا لڳائي ساڻس محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو ويندو. جنهن لاءِ ڪارڪن کي محبتن جي عالمي ڏينهن تي شهيد بشير خان قريشي سان محبت جو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيان ٿو ۽ سڄي سنڌ مان قبيلا جهيڙا ختم ڪرڻ لاءِ منٿ ميڙ فافلا کڻي سنڌ ۾ امن ڪرايو ويندو.  جسقم سينئر وائيس چيئرمين امجد مهيسر, جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام, مومن سمون, اطهر سومرو، اشرف ڪلهوڙو، ناياب سرڪش خطاب ڪيو، جلسي ۾ نوجوان راڳي فيضان سرور سخيراڻي ۽ ساجد سنڌي قومي گيت ڳائي سيد کي قومي سلام پيش ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.