ڪفن ٻڌي نڪتا آهيون،جاگيرداري نظام جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي: امه رباب

ميهڙ (رپورٽ: فراز چنا )ام رباب چانڊيو جي ڏاڏي ، والد  ۽ چاچي اڳوڻي يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ، تمندار ڪائونسل جي چيئرمين مختيار علي چانڊيو ، ضلعي ڪائونسل جي اڳوڻي ميمبر قابل چانڊيو جي 7 ورسي ميهڙ ۾ ملهائي وئي ، ام رباب پاران 7 ورسي کي  سرداري نظام کان ڇوٽڪارو جي عنوان هيٺ ملهائڻ واري اعلان بعد   ورسي جي موقعي تي تمندار هائوس ميهڙ اڳيان سرداري نظام نامنظور جي عنوان هيٺ عوامي اجتماع ڪوٺايو ويو. عوامي اجتماع ۾ ام رباب چانڊيو ، پرويز چانڊيو ، مولوي مجاهد علي چانڊيو سميت وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، سرداري نظام نامنظور جي عنوان هيٺ ملهايل ورسي تقريب کي خطاب ڪندي ام رباب چانڊيو چيو آهي اڄ 17 جنوري منھنجي والد ، ڏاڏا ۽ چاچا جي ستين ورسي تي سرداري نظام کان بيزاري جو اعلان ڪريان ٿي. سنڌ جي تباھي جو ذميوار سرداري نظام آھي. منھنجي والد ، ڏاڏا ۽ چاچا عوام خاطر قرباني قبول ڪئي پر سردارن ۽ وڏيرن ، ڀوتارن جي غلام قبول نه ڪئي. هن چيو ته اسان ڪنھن جا غلام نه آھيون اسان انشاالله پنھنجي شھيدن جي خون جو انصاف وٺي رھنداسين، سردارن کي خبر پئجي وئي آھي ته اسين ڏکين ماڻھن سان اٽڪيا آھيون. اسان جو ڪيس بھتر طريقي سان ھلي پيو، اھي اسان کي عدالتي نظام تي سوال آھي ته ڇا عدالتي نظام ۾ سست رفتاري ضرور آھي. اسان لاقانونيت جو جواب قلم سان ڏنو آھي. اسان ھمٿ نه ھاري آھي اسان بھادري سان بيٺا آھيون اسان ست سالن کان ڪيس کي صحيح طريقي سان منھن ڏئي رھيا آھيون. ھي نظام خوفزدا تڏھن ٿيندو جڏھن اسان ڊگرين جي جاءِ تي ھٿيار کڻون، اسان کي ھٿيار کڻڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي. سردار خوفزده ٿي ويا آھن ۽ هنن ھاءِ ڪورٽ مان وڃي اسٽي ورتو آھي، سردار پاڻ کي ڪيسيتائين سنڌ جي شعور کان بچائيندا ھنن کي جلد شڪست اچڻي آھي. اسان اھو وچن ڪيو آھي ته اسان سر سان ڪفن پائي نڪتا آھيون جتي به عوام سان ظلم ٿيندو اتي ھي نياڻي ھر وقت اوھان سان گڏ بيھندي اسان رت جي آخري ڦڙي تائين ماروئڙن سان گڏ بيھنداسين. اسان مزاحمت ڪندا رھنداسين اسان جيستائين سردارن جي رستا روڪ نه ڪنداسين تيستائين ھي ظالم ظلم ڪندا رھندا اسان سرداري نظام خلاف جنگ جاري رکنداسين سرداري نظام جو خاتمو آڻي ڏيکارينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.