عمران خان ڪابينا ميمبرن کان به حقيقتون لڪايون ويون: قانوني ماهر

اسلام آباد(م ڊ) قانوني ماهر اشتر اوصاف چيو ته عدالت ڪيس ۾ سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون، ڪابينا ميمبرن کان به حقيقتون لڪايون ويون، عمران خان تي وزيراعظم جي حيثيت سان اختيارن جي ناجائز استعمال جو به الزام آهي، شهزاد اڪبر سندس خاص مددگار هو، برطانوي اداري کي به گمراهه ڪيو ويو، سمورو معاملو اڳوڻو وزيراعظم پاڻ ڏسندو رهيو، قانوني ماهر راجا خالد چيو ته اهو هڪ اوپن اينڊ شٽ ڪيس هو، برطانوي ڪرائم ايجنسي پاران 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ بدران بحريا ٽائون جي چيئرمين ملڪ رياض تي ڏن ڊ جي صورت ۾ سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي وئي، ان جي بدلي ۾ مالي فائدا حاصل ڪيا ويا، عمران خان بطور وزير اعظم ڪابينا سان به ڪوڙ ڳالهايو، حقيقتون لڪايون، تفصيل سيل بند لفافي ۾ رکيا ۽ ڪابينا کان منظوري ورتي، پي ٽي آءِ جي باني وڪيل فيصل چوڌري چيو ته اڄ شرمناڪ فيصلو سامهون آيو آهي، نواز شريف جي پٽ ڪيترن ئي اربن جي ملڪيت خريد ڪئي پر ان کان پڇا ڳاڇا نه ڪئي وئي، اها ملڪيت ملڪ رياض کي وڪرو ڪئي وئي، توهان ايون فيلڊ ٺاهيو، مني لانڊرنگ، لنڊن ۾ ملڪيتون ٺاهيون، ڪيس معاف ڪرايا، اها پاڪستان جي سياست يا سياسي اخلاقيات جي گهٽ ۾ گهٽ سطح هئي، اڄ جي فيصلي جي مذمت ڪريان ٿو، اعليٰ عدالتن سان رجوع ڪرڻ سميت هر حد تائين وينداسين، هن چيو ته عمران خان ۽ بشرا بي بي کي سيرت النبي صلعم جو درس ڏيڻ ۽ ديني تعليم لاءِ يونيورسٽي ٺاهڻ جي سزا ڏني وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.